بَدو: ڪڏهن ڪڏهن، ڪو شخص پنھنجي برادريءَ يا ڪنهن غير برداريءَ مان پنھنجي پٽ لاءِ ٻانهن جي گهُر ڪندو آهي، تہ موٽ ۾ اُهي پڻ کانئس پنھنجي پُٽ، ڀاءُ يا ڀائٽيي لاءِ ٻانهن جي گهُر ڪندا آهن. انهيءَ رسم کي ”بَدو“ يا ”اَدوبدو“ (ڏي وٺ) چيو ويندو آهي. انهيءَ سلسلي سان ائين سمجهيو ويندو آهي تہ ٻنهي ڌرين کي ڪنهن تڪليف جو مُنهن ڏسڻو نہ پوندو، ڇو تہ هڪٻئي جون نياڻيون سندن گهرن اندر هونديون آهن. بَدي واريءَ رسم جي هڪ اهم خرابي اِها آهي تہ جيڪڏهن هڪ گهر ۾ ڪو رولو پوي، يعني گهوٽ ڪنوار جو نباھہُ نہ ٿي سگهي، يا جهيڙو جڳهڙو ٿي پوي، تہ انتقام طور ٻئي شخص جو گهر پڻ اُجڙي سگهي ٿو ۽ پوءِ نوبت ٻنهي گهرن ۾ طلاق تائين پهچي وڃي ٿي. ان ڪري ان کي هڪ سماجي برائي سمجهي سگهجي ٿو، جنهن جي خلاف سنڌي اديبن بہ گهڻو لکيو آهي.