بدوي: عربستان جو ڳوٺاڻو، بدوي، صحرانشين. شاهه لطيف پنهنجي ڪلام ۾، ٿر وارن سانگين يا ٿرن بر ۾ رهندڙ ۽ پاڻيءَ ۽ گاهه جي تلاش ۾ مال ڪاهي هلندڙ مارن پنهوارن جي رهڻي ڪهڻي، عرب جي بدوين جهڙي ڏسي، انهن کي استعاري طور ”بر جا بدوي“ ڪري ڄاڻايو آهي. شڪارپور ۾ هڪ خاندان پهرين تخلص طور ۽ پوءِ لقب طور اهو لفظ استعمال ڪندو رهيو آهي، جيئن لطف الله بدوي، بيدل مسرور بدوي، احسان احمد بدوي ۽ غلام محمد بدوي. هن آڪهه مان اهم اديب، نقاد ۽ شاعر ٿي گذريا آهن.