سيف الملوڪ ڍنڍ  جي تصوير

سيف الملوڪ ڍنڍ جي تصوير

بديع الجمال

بَدِيعُ الجَمال: نهايت حسين شهزاديءَ جو نالو. ”سيف الملوڪ ۽ بديع الجمال“ جي عشقيہ قصي جو هڪ ڪردار آهي. سنڌ ۾ عام روايت آهي تہ سيف الملوڪ نالي هڪڙي سوداگر سامان جو ٻيڙو ڀرائي اروڙ تي اچي لنگر هنيو. ان وقت سنڌ تي دلوراءِ جي بادشاهي هئي، جيڪو ظالم بادشاھہ هو. ان جو قاعدو هو تہ جيڪو سوداگر اچي لنگر هڻندو هو، ان کان ڏن طور هڪ رات لاءِ سندس زال پنھنجي محل ۾ سڏائيندو هو. سيف الملوڪ جي زال بديع الجمال ڏاڍي سھڻي هئي. سيف الملوڪ کي جڏهن بادشاهي حڪم جي خبر پئي تہ هن خدا کي سوال ڪيو تہ دلوراءِ جي ننگري ناس ڪر. سوداگر رات وچ ۾ اروڙ وٽان ٻنڌ ڏياري، جنهنڪري درياھہ پنهنجو رُخ بلائي رات وچ ۾ ٻئي هنڌان وهڻ لڳو ۽ سيف الملوڪ پنهنجو ٻيڙو ڪاهي سلامتيءَ سان نڪري ويو. بديع الجمال جو قصو'>سيف الملوڪ ۽ بديع الجمال جو قصو صوفي شاعري ۾ ڳاتو ويو آهي. هماليہ جبل جي ڪڇ ۾ ’سيف الملوڪ ڍنڍ‘ کان وٺي بدين ضلعي جي ڏکڻ ۾ هڪ ماڳ تي ’سيف الملوڪ جو کوھہ‘ تائين ڪجهہ ماڳ انهن ڪردارن سان منسوب آهن.


لفظ بديع الجمالھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو