بدين جو نقشو
بدين جو نقشو - گگل ميپز
بدين جو نقشو - گگل ارٿ
لاڙ ميوزم بدين
بدين ۾ سورج مُکيءَ جي پوک
بدين: سنڌ جو مشھور ۽ پراڻو شھر آهي. هي شھر حيدرآباد شھر کان 68 ميلن جي مفاصلي تي آهي. موجوده وقت جنھن جڳهه تي بدين جو شھر ٻڌل آهي، ڪي تاريخدان ان جو پراڻو نالو ”ساولپور“ لکن ٿا. اصل بدين جو شھر موجوده بدين کان اڌ ميل پري هو، جتي هينئر کنڊر موجود آهن. بدين 1780ع ۾ مدد خان پٺاڻ جي سنڌ تي ڪاهه وقت، ان جي لشڪر هٿان تباهه ٿيو هو. قديم بدين جي دڙي مان سڪندراعظم جي دؤر جا سڪا به مليا آهن ته ان کان اڳ جا تاريخي اهڃاڻ پڻ، جن مان هن شھر جي قدامت جو پتو پوي ٿو. هڪ روايت موجب ”بدين“ ملاحن جي ذات آهي، جنھن جي ڪنھن دؤر ۾، انهيءَ شھر واري هنڌ، ريڻ درياهه تي مياڻ هئي، جيڪا ”بديڻ مياڻ“ سڏبي هئي، پوءِ آهستي آهستي ’بدين‘ جي نالي سان مشھور ٿي ۽ انهيءَ ڪري ئي هن شھر تي اهو نالو پيو. ”بديڻ“ نالي وارا ملاح ٺٽي ضلعي ۾ پير پٺي جي ڀرسان اڄ به رهن ٿا. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب جي تحقيق موجب، بدين جو نالو هڪ بزرگ شھاب الدين جي نالي پٺيان پيو. پير شھاب الدين سھروردي سلسلي جو بزرگ ۽ شاهه عبدالڪريم رحه جي وڏن مان، مٽياريءَ جي جراڙ پوٽا گهراڻي مان هو. سندس مقام بدين شھر کان ڏيڍ ميل کن اتر- اولھه طرف، ”شھاب الدين جو مقام“ عوامي زبان ۾ ”شاهه بَدي“ (شھاب الدين) جو مقام سڏجي ٿو. بدين شھر جو نالو پڻ شھاب الدين شھاب دين= شاهه بدين= بدين) جي نالي پويان پيو. شاهه عبدالڪريم رحه جي والد لال محمد شاهه عرف شاهه للي جي مزار پڻ ”شھاب الدين جي مقام“ ۾ آهي ۽ مشھور آهي. لوڪ روايتن موجب، سمن جي دؤر ۾ بدين جي آسپاس جوڻيجا ذات وارا ماڻهو زور هئا. جڏهن هوٿل پدمڻيءَ جو مڙس ڄام اڍو ڪيھر ڪجهه وقت بدين ۾ اچي رهيو ته جوڻيجن هڪ جنگ ۾ ڄام اڍي کي ماري وڌو. هوٿل پنھنجو پٽ ”جکرو“ ۽ ڌيءُ ”سکر“ وٺي نندي شھر ڀرسان وڃي رهي. جڏهن جکرو وڏو ٿيو ته پيءُ جو وير وٺڻ لاءِ توڳاچي راهمي جي مدد سان بدين تي ڪاهي آيو ۽ بدين کي تباهه ڪري ڇڏيائين. ائين بدين جو شھر پھريون ڀيرو گهرو لڙائين سبب تباهه ٿيو. بدين جي اوڀر کان ريڻ درياءُ وهندو هو. انهيءَ ڪري، هن پَٽ کي آبپاشيءَ جون سھولتون موجود هيون. ماڻهن ڦٽل بدين تي وري گهر اڏڻ شروع ڪيا ۽ هي شھر ٻيھر آباد ٿي ويو. ارغونن جي ڏينھن ۾ مرزا ظفر بيگ بدين ۾ اچي رهيو، انهيءَ ڪري بدين جو نالو بار بار ڪم اچڻ لڳو. مظفربيگ جون جاني بيگ سان بدين جي ڀرسان جهڙپون به ٿيون. فارسي واقع نگارن انھن تي قلم کنيو، جنھنڪري انهيءَ وقت جي ڪتابن ۾ بدين جو ذڪر اچڻ لڳو. فارسي تاريخدانن انهيءَ کان اڳ ۾ به بدين جو نالو ڪتب پئي آندو. سمن کان پوءِ ارغونن، ترخانن ۽ مغلن جو به بدين سان سڌيءَ ۽ اڻ سڌيءَ طرح واسطو رهندو پئي آيو. جڏهن همايون بادشاهه فتح باغ ۽ جُوڻ شھر ۾ اچي رهيو، تڏهن بدين سنئون سڌو مغلن جي اثر هيٺ رهيو. مرزا صالح ۽ مرزا باقي بيگ جي لڙائي به بدين ۾ لڳي، جنھن سبب ڪافي خونريزي ٿي ۽ بدين ۽ چاچڪان تي نھايت خراب اثر پيو. ائين سمن، ارغونن، ترخانن ۽ مغلن جي ڏينھن ۾ بدين برباد ٿيندو ۽ ٻيھر اسرندو رهيو. ڪلھوڙن جي دؤر ۾ مدد خان جي ڪاهه کان پوءِ بدين جو پراڻو شھر وري اسري نه سگهيو. مدد خان شھر کي باهه ڏيئي ساڙائي ڇڏيو هو. پراڻي بدين جو اهو آخري دؤر هو. بدين جي قديم شھر ۾ ڪيترائي ڪتبا پٿرن تي اُڪريل هئا، جيڪي هينئر لُسجي ويا آهن. مرزا قليچ بيگ جي لکڻ موجب انھن ڪتبن تي 632هه/ 1234ع ۽ 987هه/1579ع سال لکيل هئا. بدين جي انهيءَ قديم شھر ۾ مشھور بزرگ رهندا هئا، جن مان هڪ عبداللطيف ڪيسر هو، جيڪو اورنگزيب بادشاهه جو گهاٽو دوست ۽ شاعر هو. هن شھر ڪيترائي دور ڏٺا آهن؛ آئين اڪبريءَ ۾ هن کي پرڳڻو ڄاڻايو ويو آهي. مرزا جاني بيگ جي زماني ۾، مظفر ترخان بدين جو نواب هو، جنھن کي سندس پيءُ مرزا باقيءَ مقرر ڪيو هو. مرزا محمد باقيءَ جي وفات کان پوءِ مرزا مظفر بغاوت ڪئي؛ مرزا جاني بيگ مٿس ڪاهي آيو؛ بدين وٽ جنگ لڳي، جنھن ۾ مرزا مظفر شڪست کاڌي ۽ مرزا جاني بيگ بدين جي قلعي ۾ داخل ٿيو. 998هه/ 1580ع ۾ جڏهن خان خانان حملو ڪيو، تڏهن هن هڪڙي لشڪر کي بدين ڏانھن موڪليو، جنھن هن شھر تي قبضو ڪيو. سن 1158هه/ 1745ع ۾، ميان نورمحمد ڪلھوڙي جي وقت ۾، ڪڇ جي راءِ جا ماڻهو ’ڪانجي ڪوٽ‘ فتح ڪري، بدين ۽ آسپاس جي شھرن تي ڪاهي آيا. ميان نورمحمد، شاهه بھاري ۽ ٻين فقيرن کي موڪليو، جن وڃي هنن کي اُتان ڀڄائي ڪڍيو. 1780ع ۾ مددخان پٺاڻ، هڪ مصيبت جي روپ ۾، لاڙ مٿان اچي نازل ٿيو. هن، ٻين شھرن سان گڏ بدين کي به تباهه برباد ڪري ڇڏيو. موجوده شھر جي ڏکڻ اوڀر طرف، پراڻي شھر جا کنڊر ۽ دڙا ڪيتري وقت تائين سلامت بيٺا هئا. مرزا قليچ بيگ ۽ ايٽڪن هن شھر جي باقي بچيل مسجدن جو بيان ڪيو آهي، جن جي لکڻ موجب هڪ مسجد جي پٿرن تي 632هه/ 1234ع ۽ ٻيءَ تي 987هه/ 1579ع اُڪريل هئا، انھن مان پھرينءَ مسجد کي ”مريائين مسجد“ چوندا هئا. هن مسجد جو محراب 1960ع تائين بيٺل هو ۽ پوءِ ڪري پيو. 1985ع ۾ سيراڻي- بدين رستو ڪڍڻ لاءِ، انھن کنڊرن جي اولھه واري حصي جي کوٽائي ڪرائي ويئي هئي. کوٽايل حصي جي ڏسڻ سان معلوم ٿيو ته هن شھر کي باهه ڏياري ختم ڪرايو ويو هو. بدين جو هاڻوڪو نئون شھر ميرن جي دؤر ۾ آباد ٿيو. نئين بدين ۾ هينئر ريلوي اسٽيشن آهي، جيڪا پاڪستان ريلوي جي ڏکڻ طرف آخري اسٽيشن آهي. هن وقت هي شھر ڪراچيءَ، حيدرآباد، سيراڻيءَ، علي بندر، ٽنڊي باگي، سجاول ۽ ٺٽي سميت سڄي ملڪ سان رستن ذريعي ڳنڍيل آهي. هتي گيھه ۽ اناج جو سٺو واپار ٿئي ٿو. بدين شھر، بدين ضلعي جو هيڊڪوارٽر آهي. انهيءَ ڪري ضلعي جون سڀئي سرڪاري آفيسون به هتي آهن. هي شھر جديد دؤر جي هر سهولت سان سينگاريل آهي. تعليم جي حوالي سان هن شھر ۾ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جا پرائمري، مڊل، هاءِ اسڪول ۽ ڪاليج پڻ آهن. سنڌ يونيورسٽي جو لاڙ ڪاليج به بدين ۾ ڪم ڪري رهيو آهي. بدين ضلعو، حيدرآباد ڊويزن ۾ آهي. پھرين جنوري 1975ع تي بدين کي ڌار ضلعو بڻايو ويو. انهيءَ کان پھرين اهو علائقو ضلعي حيدرآباد جو هڪ تعلقو هو. بدين ضلعي ۾ پنج تعلقا آهن. (1) بدين، (2) ٽنڊوباگو، (3) گولاڙچي (هاڻي شھيد فاضل راهو)، (4) ماتلي ۽ (5) تلھار. هن ضلعي جي اتر ۾ ضلعو ۽ تعلقو ٽنڊوالهيار، اوڀر ۾ ڊگهڙي ۽ ڏيپلو تعلقا، ڏکڻ ۾ ڪڇ جو رڻ ۽ اولهه ۾ ضلعي ٺٽي جو تعلقو جاتي ۽ ضلعو ٽنڊو محمد خان واقع آهن. زراعت جي لحاظ کان هي ضلعو پاڻڀرو آهي. هتي ڪپھه، ڪمند ۽ اناج جا تمام بھتر فصل ٿيندا آهن. ضلعي جي سموري زراعت جو دارومدار سکر ۽ ڪوٽڙي بئراج تي آهي. ضلعي جي ايراضيءَ کي پاڻي پھچائڻ لاءِ ڦليليءَ مان واهه ڪڍيا ويا آهن. ضلعي ۾ ڪافي مقدار ۾ تيل نڪتو آهي. تقريباً 15 کان 20 هزار بيرل ڪچو تيل روزانو ڪڍيو وڃي ٿو. هيءُ ضلعو قدرتي گئس ۽ پئٽرول سان به مالامال آهي. ڪمند جي زياده پيدوار سبب هن ضلعي کي ”شوگر اسٽيٽ“ به چيو ويندو آهي. هن ضلعي ۾ 6 شوگر ملون آهن. بدين جو سامونڊي ڪنارو به قدرتي خزانن سان ڀرپور آهي، مڇي ۽ ٻين آبي پکين جي شڪار لاءِ هرسال ڏيڍ ڪروڙ جو ٺيڪو نيلام ٿيندو آهي. بدين ضلعو ٻن سب ڊويزنن، بدين سب ڊويزن ۽ ماتلي سب ڊويزن تي مشتمل آهي. هن ضلعي ۾ ڪافي مشھور ڳوٺ ۽ شھر موجود آهن. هتي دفري، سار هڏي، دونگهڙ، اوجهري، جگڙي ۽ انگڙي مشھور ڍنڍون آهن. هن ضلعي ۾ 13 سپروائيزري سرڪل، 109 تپا ۽ 518 ديهون آهن. ضلعي ۾ 49 يونين ڪائونسلون، 7 ٽائون ڪاميٽيون ۽ ننڍا وڍا 21 شھر آهن. انھن شھرن ۾ بدين، ترائي، تلھار، نندو، ڪڍڻ، سيراڻي، ٻهڊمي، ڏندو، لنواري شريف، ماتلي، ٽنڊو غلام علي، ٽنڊوباگو، پنگريو، کوسڪي، گولاڙچي، کورواهه، ڀڳڙا ميمڻ ۽ ڪڙيو گهنور مشھور آهن. بدين ضلعي جي پراڻن علائقن ۾ مانڌر، ولاسو، نوت، وَنگو، جياٺ ۽ ولهار شامل آهن. هن ضلعي ۾ ڪيترائي ميلا لڳن ٿا، جن ۾ شاهه قادريءَ، شيخ ڪرهيي ڀانڊاريءَ، لنواري شريف، پير تاج الدين (شاهه طريل)، شاهه گُهرئي، روپاماڙيءَ ۾ دودي شھيد، غلام شاهه، سمن سرڪار، ساجن سوائي، احمد راڄي، خليفي محمود نظاماڻيءَ، ملان حسڻ، گل غيبيءَ ۽ ميين موسي وغيره جا ميلا مشھور آهن. علمي ادبي لحاظ کان به هي ضلعو شاهوڪار آهي. هن ضلعي ۾ سڀ کان پھرين، سومرن جي ڏينھن ۾ ”مرکان شيخڻ“ پنھنجا ڳيت ڳايا. عبداللطيف ڪيسر، خواجه محمد زمان، عبدالعظيم جت، سانوڻ فقير، سمنگ چارڻ، ڀاڳو ڀان، پيرو فقير نونداڻي، خليفو نبي بخش لغاري ’قاسم‘، الله بخش نظاماڻي، منٺار منڌرو، پير ڀاون علي شاهه، مولوي احمد ملاح، حاجي پير بخش فاروقي ’دلريش‘، تاج محمد مشتاق ’افغان‘، محمد صديق مسافر، نذير حسين حيدري، پير عالي شاهه، مولوي علي محمد مھيري، مولوي محمد عثمان نورنگزادو، مولوي نورمحمد نظاماڻي ’نور‘، راضي فقير رند، انيس مھيري، فرمان علي جعفري، شمشيرالحيدري، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، خواجه قلب علي (ٽڪلو)، غلام احمد ”بيدم“، محمد صديق مرهم، آڪاش انصاري، عبدالرحمان ’نقاش‘، ماستر محمد سومار شيخ، مشڪور ڦلڪارو، نورمحمد نور سمون، آصف جمالي، نقاش علواڻي، سانوڻ سنڌي، ابوبڪر شيخ، عبدالله ملاح، فراق هاليپوٽو، امر سنڌي، انب گوپانگ، ڪنول لھاڻو، ڀَوَن سنڌي، نٿو مورواڻي، کاٽائو دراوڙ، مولوي عبدالله، ناصر بلوچ ۽ مور ساگر بدين ضلعي جا مشھور شاعر، عالم ۽ اديب آهن. بدين ضلعي جون ٻيون نامور شخصيتون مير ٺارو خان ماڻڪاڻي، مير غلام محمد ٽالپر، ڏاتو خان جمالي، مير باگو خان ٽالپر، مير بنده علي ٽالپر، رئيس نجم الدين سريوال، حاجي عبدالله هاليپوٽو، رئيس نبي بخش ڀرڳڙي، شھيد فاضل راهو، سيٺ سبز علي خواجه، ڊاڪٽر غلام حسين جعفري، رئيس ڪريم بخش نظاماڻي، پير حاجي حسن بخش شاهه، مير ولي محمد ٽالپر، غلام حيدر نظاماڻي، پير علي بھادر، بشير احمد هاليپوٽو، علي انور هاليپوٽو، محمد اسماعيل راهو، ڊاڪٽر سلطان احمد جوڻيجو، ڊاڪٽر محمد علي قاضي ۽ ڊاڪٽر ايم. اي عالماڻي، ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا، ڊاڪٽر فھميده مرزا، حسنين مرزا، ڊاڪٽر سڪندر مينڌرو، ڊاڪٽر دودو مھيري ۽ ڊاڪٽر خالده سڪندر وغيره ذڪر جي لائق آهن. پراڻن آثارن ۽ دڙن جي حوالي سان به بدين ضلعو خاص اهميت رکي ٿو. سنڌو درياهه جي پراڻي وهڪري، ڍوڪري جي ڪپرن سان سنڌڙي بندر، علي بندر، رهمڪيءَ بازار، باغ جو پتڻ، ونگو پتڻ، ٻنگار ۽ ڪوٽ لکپت مشھور بندر هئا. قديم دڙن ۾ وير ٿري، مرکان جو دڙو، توت جو دڙو، هوٿي نھڙئي جو دڙو، بديڻ، سارو سنگهار جون دونھيون، روپا ماڙي، مالهين جو دڙو، آسيلي، کيرين جو ڪوٽ، ڪاڪيجاڻي، جاکرن جو دڙو، آڏت جو دڙو، ڪيٽين جا قبا، ابل جي وسي، ڪاٺ ٻانڀڻ، آهيون جو دڙو، ڪانگڻيءَ جو دڙو وغيره اچي وڃن ٿا. بدين ضلعي جي ثقافتي تاريخ کي محفوظ ڪرڻ لاءِ، بدين شھر ۾ ”لاڙ ميوزيم“ به قائم ڪيو ويو آهي، جنھن ۾ ضلعي جا قديم آثار ۽ عجائبات گڏ ڪيا ويا آهن. هن ضلعي بابت ”لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ“ ڊاڪٽر غلام علي الانا جو مشھور ۽ جامع ڪتاب آهي. ’اعلان حق‘ ۽ ’نواءِ لاڙ‘ هتان جون مشھور اخبارون آهن.
1780.00.00 عيسوي
بدين 1780ع ۾ مدد خان پٺاڻ جي سنڌ تي ڪاهه وقت ، ان جي لشڪر تباهه ڪيو هو . قديم بدين جي دڙي مان سڪندراعظم جي دؤر جا سڪا به مليا آهن ته ان کان اڳ جا تاريخي اهڃاڻ پڻ ، جن مان هن شهر جي قدامت جو پتو پوي ٿو
1580.00.00 عيسوي
998هه/ 1580ع ۾ جڏهن خان خانان حملو ڪيو ، تڏهن هن هڪڙي لشڪر کي بدين ڏانهن موڪليو ، جنهن هن شهر تي قبضو ڪيو
1158.00.00 هجري
سن 1158هه/ 1745ع ۾ ، ميان نورمحمد ڪلهوڙي جي وقت ۾ ، ڪڇ جي راءِ جا ماڻهو ’ ڪانجي ڪوٽ ‘ فتح ڪري ، بدين ۽ آسپاس جي شهرن تي ڪاهي آيا . ميان نورمحمد ، شاهه بهاري ۽ ٻين فقيرن کي موڪليو ، جن وڃي هنن کي اُتان ڀڄائي ڪڍيو .
1745.00.00 عيسوي
سن 1158هه/ 1745ع ۾ ، ميان نورمحمد ڪلهوڙي جي وقت ۾ ، ڪڇ جي راءِ جا ماڻهو ’ ڪانجي ڪوٽ ‘ فتح ڪري ، بدين ۽ آسپاس جي شهرن تي ڪاهي آيا . ميان نورمحمد ، شاهه بهاري ۽ ٻين فقيرن کي موڪليو ، جن وڃي هنن کي اُتان ڀڄائي ڪڍيو .
1975.00.00 عيسوي
پهرين جنوري 1975ع تي بدين کي ڌار ضلعو بڻايو ويو . انهيءَ کان پهرين اهو علائقو ضلعي حيدرآباد جو هڪ تعلقو هو . بدين ضلعي ۾ چار تعلقا آهن . ( 1 ) بدين ، ( 2 ) ٽنڊوباگو ، ( 3 ) گولاڙچي ( هاڻي شهيد فاضل راهو ) ۽ ( 4 ) ماتلي .