بِرادرِي: ڀائيچاري، عزازت، هڪ ڪُڙم. هيءُ اصطلاح وسيع معنيٰ ۾ ڪم ايندو آهي، جنهن ۾ عزازت ۽ مٽي مائٽي بہ شامل آهي، پر ساڳيءَ ذات وارن يعني شريڪن جي لاءِ بہ استعمال ٿيندو آهي. شريڪ اُهي، جن سان رت جو رشتو ڳنڍيل نہ هجي، فقط ذات ڀائي هجن. اوڙي پاڙي ۾ رهندڙ، جن سان مرڻي پرڻي جي سڏ صلح وارو وهنوار هجي، اهي بہ برادريءَ ۾ اچي ويندا آهن. اهڙيءَ طرح ساڳئي ڳوٺ ۾ رهندڙ بہ برادريءَ جا شريڪ آهن. ساڳئي پورهيي يا ڌنڌي وارا بہ برادريءَ ۾ لکيا ويندا آهن، مثلاً لوهار، لوهار جي سڏ تي وڃي، ڪنڀار ڪنڀار جي تڏي تي وڃي وغيرہ. اڄڪلھہ برادري لفظ، انگريزي لفظ ڪميونٽي (Community) جي معنيٰ ۾ بہ ڪم ايندو آهي، جھڙوڪ: ميمڻ برادري ۽ خواجہ برادري وغيرہ .