بُراقُ: اها سواري، جنهن جي ذريعي حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم جن معراج رات، يروشلم (بيت المقدس) کان آسمان تي پهتا. ٻوليءَ جي ماهرن جو چوڻ آهي ته ’براق‘ اصل ۾ ’برق‘ مان ڦٽل لفظ آهي جنهن جي معنيٰ آهي بجلي، يعني ’بجلي جهڙو تيز رفتار‘ ٻين لفظن ۾ رنگ ۽ چمڪ ۾ سفيد، بي عيب ۽ تيز رفتاريءَ جي ڪري هن کي ”براق“ چيو ويو آهي. علامه طبريءَ ڪلام پاڪ جي تفسير ۾ ”اسريٰ“ جي باري ۾ گهڻيون ئي حديثون نقل ڪيون آهن. انهن مان هڪڙيءَ حديث ۾ حضور پاڪ جن جي سواريءَ جو جانور فقط هڪڙو گهوڙو بيان ڪيل آهي، تنهن هوندي به اوائلي دور جي اڪثر حديثن ۾ هن کي ”البراق“ چيو ويو آهي ۽ ان جي وصف ۾ چيو ويو آهي ته اهو خچر ۽ گڏهه جهڙو درمياني قد بت جو هڪڙو جانور هو. بعضي وڌيڪ تفصيل ٻڌائيندي چيو ويو ته اُن جو رنگ اڇو هو. گڏهه يا خچر کان ڊگهو هو. هو زين ۽ لغام سان سينگاريل هو. تفسيرن ۾ ائين به لکيل آهي ته براق جي ٽنگن ۾ پَرَ لڳل هئا، جن جي ذريعي تيزيءَ سان هلندو هو. قديم زماني ۾ ’اسريٰ‘ ۽ ’معراج‘ ٻنهي جي باري ۾ روايتون اهڙيءَ طرح گڏجي ويون، جو انهن جو اثر ”البراق“ تي به پيو ۽ ”اڏامندڙ گهوڙي“ وارو تصور بڻجي ويو .