برانڊي

برانڊي: ولايتي شراب جو هڪ قسم، جيڪو انگوري شراب يا انگوري سُرڪن جي ڦوڳ کي چڪائي ٺاهيندا آهن. هيءُ تيز ذائقي وارو ۽ تکو شراب ٿيندو آهي، جيڪو گهٽ درجي وارو ليکيو ويندو آهي. فرانس (يورپ) ۾ برانڊي اڇن انگورن مان ٺاهي ويندي آهي. ٻين ميون ۽ شفتالوءَ وغيرہ مان بہ برانڊي ٺهندي آهي. چانورن ۽ ڪمند جي شيري جي رس مان بہ برانڊي تيار ڪئي ويندي آهي. ٽالپرن جي دور ۽ ان کان اڳ، سنڌ ۾ چانورن جي خمير واري رس مان شراب ٺهندو هو، جنهن کي ”برانڊي“ چئي سگهجي ٿو. سنڌ ۾ عام طور سياري ۾ ٿڌ لڳڻ سبب ٿيل کنگهہ، زڪام وغيرہ جي علاج طور بہ استعمال ڪن .


لفظ برانڊيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو