
برجيٽ آلچن
برجيٽ آلچن: ڏکڻ ايشيا جي قديم آثارن جي نامياري ماهر ، علم بشريات جي ڄاڻو ۽ قديم آثارن جي مشھور محقق فرينڪ ريمنڊ آلچن جي گهر واري برجيٽ آلچن جو جنم 1927ع ڌاري آڪسفورڊ ۾ ٿيو . هن ابتدائي تعليم لنڊن مان حاصل ڪئي ، ٻي مهاڀاري جنگ جي اختتام جي سال بعد پنھنجي خاندان سان گڏ ڏکڻ آفريقه جي علائقي ڪيپ ٽائون ۾ مستقل رهائش اختيار ڪيائين ۽ پنھنجي تعليم جو سلسلو ٻيهر شروع ڪيائين . کيس ، ننڍپڻ کان ئي آثارِ قديمہ جي موضوع سان دلچسپي هئي ، جنهن تحت هن لنڊن يونيورسٽي مان علم بشريات جي شعبي ۾ پهريان ايم . اي ۽ پوءِ پي . ايڇ . ڊي جي سند ۽ ان سان گڏ ايف . ايس . اي جي ڊگري حاصل ڪئي .
هن پنھنجي عملي ڪم جو آغاز هندستان جي اوائلي تاريخ ۽ نسل نگاري جي مختلف پهلوئن تي تحقيق سان ڪيو . 1968ع ۾ برطانوي آثارِ قديمہ پاران پاڪستان جي قديم آثارن تي کوجنا جي هڪ رٿا تحت تحقيقي ڪم جي سربراھہ مقرر ٿي ، جڏهن تہ ساڳئي رٿا ۾ سندس گهر وارو ريمند آلچن بہ گڏيل سربراھہ طور شامل رهيو . هن پاڪستان ۽ هندستان ۾ آثارِ قديمہ جي ادارن ۽ شاخن کي قائم ڪرڻ ۽ سڌارڻ ۾ تمام گهڻي مدد ڪئي . ان کان علاوہ ، پاڻ ڪيمبرج ۾ قائم وولفسن ڪاليج جي سهڪاري ، قديم هندستان ۽ ايران جي قائم ڪيل ٽرسٽ جي سيڪريٽري ، ( Aouth Asian Studies ) رسالي جي ايڊيٽر ۽ ڏکڻ ايشيا تي تحقيق ڪندڙ آثارِ قديمہ جي ماهرن تي مشتمل يورپين ايسوسيئيشن جي سيڪريٽري جنرل طور پنهنجا فرض سرانجام ڏيندي رهي . هن هندستان ۾ رهي برودا يونيورسٽي جي هڪ رٿا موجب ماضي ۽ جديد دؤر ۾ آيل ماحولياتي تبديلين جو جائزو ورتو . ان تحقيق دوران سندس ٻين ساٿين ۾ آڪسفورڊ يونيورسٽي سان تعلق رکندڙ ٿر جي ارضي بناوٽ ( Desert Geomorphology ) جو اڀياس ڪندڙ ماهر اينڊريو گوڊي ۽ معدنيات جو سائنسي ماهر پڻ شامل هئا . ڊاڪٽر برجيت آثارِ قديمہ جي حوالي سان جن ملڪن تي تحقيق ڪئي ، انهن ۾ پاڪستان ۽ سريلنڪا سرفهرست آهن . جڏهن تہ وچ ايشيا ۽ افغانستان جا بہ ڪجهہ علائقا سندس تحقيق ۾ شامل رهيا . هن پنھنجي تحقيق ۾ پاهڻي دؤر ، پٿر جي وچئين دؤر
( Mesolithic Period ) ۽ پٿر جي قديم دؤر ( Paleolithic Period ) جي آثارن تي وسيع پيماني تي کوجنا ڪندي مڪمل ڪوائف سامهون آندا.پاڻ مختلف وقتن ۾ پنھنجي گهر واري ريمنڊ آلچن جي هندستان جي قديم آثارن تي تحقيق دوران ڀرپور حصو وٺندي رهي . سندن گڏيل تحقيقي ڪم The Birth of Indian Civilization ۽ The Rise of Civilization in India & Pakistan جي نالن سان ڪتابي صورت ۾ ڇپيل آهن . برجيت آلچن جي خيال مطابق ننڍي کنڊ ۾ موجود آثارِ قديمہ جا ماڳ قديم آثاريات جي اڀياس لاءِ موزون جڳھہ آهن . ان کان علاوہ قديم آثارن ۽ موروثي سلسلي جي نوادرات جي قومي سطح تي سار سنڀال ۽ حفاظتي اپاءَ وٺڻ ۾ سندس ڪردار اهميت جوڳو رهيو آهي . ريمنڊ آلچن سان گڏيل طور ڇپيل ڪتابن کان علاوہ هن پنھنجي تحقيق جي آڌار تي بہ ڪي ڪتاب بہ لکيا ، جيڪي هن ريت آهن:
The Stone Tripped Arrow.
The Prehsitoric and Palaeogeography of The Great Indian Desert.
1927.00.00 عيسوي
برجيٽ آلچن جو جنم 1927ع ڌاري آڪسفورڊ ۾ ٿيو.