برج ڀاشا: برج علائقن، مَٿرا ۽ ان جي آسپاس واري علائقي، جن ۾ بندرابن، گوڪل وغيرہ شامل آهن، جي ٻولي، جيڪا آريائي ڀاشائن ۾ فصاحت بلاغت جي ڪري ممتاز آهي. مٿرا ديس جي ٻولي يا ڀاشا. هيءَ ٻولي شاعريءَ جي جهوليءَ ۾ نپني. سورداس، بھاري لال ۽ ٻيا مشھور هندي شاعر برج ڀاشا ئي لکندا هئا. حافظ محمود شيرانيءَ جي راءِ ۾ انهي ٻوليءَ جو دائرو وسيع آهي ۽ مغليه دور ۾ هن ٻوليءَ جي شاعري ۽ موسيقيءَ جي زبان عام مقبول رهي آهي. هندي ٻوليءَ جي ڪن عالمن جي خيال موجب،’برج ڀاشا‘ قديم گوالياري ٻوليءَ جو جديد نالو آهي. انهن جو خيال آهي تہ اردو انهيءَ ’برج‘ ٻوليءَ مان نڪتل آهي .