بردو سنڌي

بردو سنڌي

بردو سنڌي

بردو سنڌي: بردو سنڌي موجودہ دور جو بلند پايه شاعر ٿي گذريو آهي. کيس خاص ڪري گيت جي صنف ۾ ڪمال حاصل هو. هن جو اصل نالو محمد رمضان ولد خدا ڏنو لاشاري هو. هن ڳوٺ ماڪن ڪوري، تعلقي ميرپور ماٿيلي ۾، 15 مارچ 1922ع تي جنم ورتو. پرائمري تعليم دوران شاعري ڪيائين، جيڪا پوءِ ڪجهہ وقت لاءِ ترڪ ڪيائين، ۽ 1954ع ۾ پنھنجي دوست ’نظر سنڌي‘ مرحوم نوابشاھہ واري جي صحبت ۾ ٻيهر شاعري شروع ڪيائين. آبداريءَ جو امتحان ڏئي، نوابشاھہ جي مختيارڪاريءَ ۾ ملازمت ڪيائين ۽ هميشہ لاءِ نوابشاھہ ۾ سڪونت اختيار ڪيائين. سندس شاعريءَ جا ٻہ مجموعا ”اکڙيون ميگهہ ملهار“ ۽ ”بوندون بس نہ ڪن“ ڇپيل آهن. ”اکڙيون ميگهہ ملهار“ تي پاڪستان رائٽرس گلڊ طرفان کيس هڪ هزار رپيا انعام طور ڏنا ويا. هيءُ ڪتاب سنڌي ادبي سنگت نوابشاھہ شايع ڪيو هو. سندس ٻيو شعري مجموعو انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ پاران ”بوندون بَس نہ ڪن“ عنوان سان شايع ڪيو. بردي سنڌيءَ، سنڌيءَ ۽ سرائڪيءَ ۾ شاعري ڪئي آهي. هن 26 آڪٽوبر 1988ع تي ڊگهي بيماريءَ کان پوءِ وفات ڪئي. سندس سموري سنڌي، سرائيڪي ۽ ترجمو ٿيل شاعري تاج جويي ترتيب ڏئي، هڪ ڪتاب جي صورت ۾ گڏ ڪئي آهي.


لفظ بردو سنڌيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1922.03.15  عيسوي

بردي سنڌي ڳوٺ ماڪن ڪوري تعلقي ميرپور ماٿيلي ۾ 15 مارچ 1922ع تي جنم ورتو.


1988.10.26  عيسوي

بردي سنڌيءَ 26 آڪٽوبر 1988ع تي ڊگهي بيماريءَ کان پوءِ وفات ڪئي.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بلبل رئيس شمس الدين
روحل فقير
احسان فقير لانگاھہ
سدارام ڀڳت
ديال آشا
ادريس عاجز عباسي
سليم بچاڻي
عبدالخالق مولوي
توت فقير
اقبال بلوچ
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون