برسيم

بَرسِيمُ: بَرسِيمُ کي گاهن جو ”بادشاھہ“ پڻ ڪوٺيو وڃي ٿو. هيءُ اصل ۾ مصر جو گاھہ آهي، جيڪو 1904ع ڌاري ميرپورخاص فارم ۾ پوکي تجربو ڪيو ويو ۽ ڪامياب ٿيڻ کان پوءِ پوريءَ سنڌ ۾ پکيڙيو ويو. برسيم گاھہ ذائقي دار، طاقتور ۽ هاضمي وارو ٿئي ٿو ۽ جانور هن کي شوق سان کائيندا آهن. اُن جي گل جو رنگ اڇو بہ ٿئي تہ نيرو ۽ قرمزي بہ ٿئي ۽ ان ۾ هلڪي خوشبوءِ هوندي آهي، جيڪا ڀرسان لنگهندڙ کي موهي وجهندي آهي. اُن جو ٻج سرنهن جي داڻي کان وڏو ۽ رنگ جو ڀورو ٿئي ٿو. مشھور گاھہ آهي، جيڪو چاري طور ڪم اچي ٿو، هن گاھہ ۾ 8 . 2 سيڪڙو فاسفورس ۽ 6 . 2 سيڪڙو ڪئلشيم جو مقدار هوندو آهي، جنهن ڪري کير ڏيندڙ جانورن کي برسيم کارائيندا آهن. برسيم جا پن ۽ تندا نرم ٿين ٿا. برسيم لاءِ آبهوا معتدل هجي، نہ زياده گرمي نہ زياده سردي. برسيم جو فصل سيپٽمبر جي آخري هفتي ۾ يا آڪٽوبر جي پهرئين هفتي ۾ پوکڻ سان اُن جي زياده پيداوار لهندي. برسيم ڦرين واري گاھہ جو ٻوٽو آهي ۽ سائي ۽ سڪل گاھہ طور ڪم اچي ٿو. ڄمڻ وقت ٽي پن جهليندو آهي ۽ هر گؤنچ ۾ ٽي پن اُن جي خاص نشاني آهن. اُن جا ڇڻيل پن ٻنيءَ لاءِ ڀاڻ جو ڪم ڏيندا آهن. ان ڪري ڪلراٺي زمين کي ٺاهڻ لاءِ ماڻهو ان تي برسيم پوکيندا آهن. مال اُن کي گهڻي چاھہ سان کائيندو آهي تہ ڪڏهن ڪڏهن گهڻي کائڻ سبب آڦرجي بہ پوي ٿو ۽ مري بہ سگهي ٿو .


لفظ برسيمھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو