بَرصُ: ڪوڙھہ جو مرض. چمڙي جي هڪ بيماري، جنهن ۾ سڄي جسم تي اڇا چٽا يا داغ ٿي پوندا آهن. قرآن شريف جي سورة ’آل عمران‘ ۾ هن بيماريءَ جو ذڪر ڪيو ويو آهي تہ حضرت عيسيٰ عليہ السلام پنھنجي قوم کي چيو تہ ”آءٌ ڄائي ڄم کان انڌي کي اکيون ڏيندس ۽ ڪوڙھہ جي بيماريءَ کان نجات ڏياريندس“.