
برصغير جي ٻولين جو لسانياتي جائزو - ڪتاب
برصغير جي ٻولين جو لسانياتي جائزو (ڪتاب ):مشھور لسانياتي ماهر، سَر جي. گريئرسن جي عالمي شھرت يافتہ ڪتاب “Linguistic Survey of India” جي جلد اٺين جي پهرين ڀاڱي جو سنڌي ترجمو، ”برصغير جي ٻولين جو لسانياتي جائزو“ جي عنوان سان، نامور ليکڪا، ڊاڪٽر فھميدہ حسين ڪيو آهي. هيءُ ڪتاب، رايل سائيز جي 700 صفحن تي مشتمل آهي، جنهن کي سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ سال 2000ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو هو. هن ڪتاب جي قيمت 500 رپيا آهي. سر گريئرسن جي هن ڪتاب ۾ برصغير جي ٻولين جي هند- آريائي خاندان، اتر اولھہ واري گروھہ بابت مواد موجود آهي. هيءُ ڪتاب، سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بڻياد، ارتقا توڙي بنيادي سٽاءَ ۽ ساخت يا گرامر بابت هڪ بنيادي ۽ اهم ڪتاب آهي. سنڌي ٻوليءَ جي داردي ٻولين ۽ لهندا سان ناتي قائم ڪرڻ جي ڏس ۾ گريئرسن جو منفرد ۽ جداگانه رايو آهي، جنهن مان ڀيرومل مهرچند آڏواڻيءَ، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ سميت ڪيترن ئي عالمن، پنهنجن ڪتابن ۾ استفادو ڪيو آهي. هن ڪتاب تي، مشھور لسانياتي ماهر پروفيسر، ڊاڪٽر غلام علي الانا، 28 صفحن جو عالماڻو مهاڳ لکيو آهي. جنهن جي پنهنجيءَ جاءِ تي وڏي علمي حيثيت آهي .