برف باري

برف باري

برف باري

برف باري: برف جو مينهن ۽ عام مينهن ساڳئي نموني وسن ٿا. ٻنهي ۾ فرق اهو آهي تہ عام مينهن ۾ پاڻي وسي ٿو ۽ برف واري مينهن ۾ برف (snow). پاڻيءَ جا ڦڙا جڏهن ڄمي ويندا آهن تہ اُهي پشمي گولن جي صورت ۾ ڌرتيءَ تي ڪرندا آهن. آسمان مان برف جا ڳنڍا وسن تہ ان کي ’ڳڙو‘ چئبو آهي. ڪڪر پاڻيءَ جي ننڍڙن ننڍڙن ذرن مان ٺھن ٿا ۽ اُهي ذرا ڏھہ کان ٻارهن فارن هائيٽ جي پد تي ڄمي ويندا آهن ۽ پوءِ برف جيان وسڻ لڳندا آهن. سنڌ ۾ برف باري (snow fall) ڪونه ٿئي، البت ڳڙو پوندو آهي. جڏهن تہ پاڪستان جي ڪجهہ اترئين علائقن، ڪشمير، ڪوھہ مري کان علاوہ بلوچستان جي زيارت ۽ ڪوئٽا ۾ پڻ ڪڏهن ڪڏهن برفباري ٿئي ٿي .


لفظ برف باريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو