برقي چمق (Electro Magnet) : بجليءَ جي ڪرنٽ جي مدد سان لوھہ کي چقمق بنائي سگهبو آهي ۽ اهڙا چقمق ايڏا تہ طاقتور ٿيندا آهن، جو وڏن وڏن ڪارخانن ۾ ڪيترن ٽنن جون وزني مشينيون انهن جي مدد سان کڻي هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ تائين پهچائيندا آهن. اهڙا چقمق ڪرين (Crane) سان گڏ لڳائي ڇڏبا آهن. جڏهن ڪرنٽ بند ڪبو آهي تہ اهو کنيل شيءِ کي ڇڏي ڏيندو آهي ۽ چقمق هڪ عام لوھہ ٿي پوندو آهي. برقي چقمق لاءِ نرم لوھہ پسند ڪيو ويندو آهي. برقي چقمق ڪهڙي بہ شڪل ۾ هجي، ان جي هڪ حصي ۾ تار ويڙهي ڪرنٽ گذاربو تہ اهو چقمق ٺھي پوندو آهي ۽ ان جو هڪ پاسو نارٿ پول جو ۽ ٻيو سائوٿ پول جو ڪم ڪندو آهي.