برمودا ٽڪنڊو

برمودا ٽڪنڊو

برموڊا ٽِڪنڊو

برموڊا ٽِڪنڊو (Bermuda Triangle ):برموڊا ٽڪنڊي کي ”شيطان جو ٽِڪنڊو“ ۽ ”وڃايَلن جو پاتال“ (Limb of the Lost) بہ چوندا آهن. هي آمريڪا جي ڏکڻ اوڀر طرف ائٽلانٽڪ سمنڊ جي ايراضيءَ ۾ آهي ۽ ان جي آسپاس ۾ ڪيئي پاڻيءَ جا جهاز، هوائي جھاز ۽ ٻيڙيون پراسرار حالتن ۾ گم ٿي ويون آهن. هن ايراضيءَ ۾ اهڙي گمشدگين دنيا جو ڌيان ڇڪايو آهي، ڇاڪاڻ تہ گم ٿيل جھاز وغيرہ ايترا تہ گهڻا آهن، جو عام طرح ايتريءَ ننڍي ايراضيءَ ۾ انهن جو گم ٿيڻ ناممڪن ٿو لڳي. ان کان سواءِ انهن واقعن وقت آبهوا بہ بهتر چئي وئي آهي ۽ ان وقت ڪي بہ مشڪلات جا اطلاع موصول نہ ٿيا آهن. مڪمل تلاش جي باوجود، ڪوبه باقي بچيل ماڻهو، ٻُڏل جهازن جي رَهت سهت، لاش ۽ گم ٿيل جهازن مان وهيل تيل جو ڪو نشان پتو نہ مليو آهي. ڪن حالتن ۾ تہ ٻيڙيون نهايت چڱي حال ۾ هيون ۽ رڳو انهن جا ملاح گم هئا. ڪن ٻيڙين ۾ تہ ميزن تي تازو کاڌو رکيل هو، جانورن کي ڪو نقصان نہ پهتو هو، پر ماڻهو گم هئا. هتي ايترا جھاز بلڪل گم ٿي ويا آهن ۽ انهن جي تلاش ۾ ويندڙ هوائي جھاز بہ غائب ٿي ويا آهن، جو ان ڳالھہ جي منطقي سمجهاڻي ناممڪن ٿي لڳي. طوفان، هوا جي حالت، ميڪانڪي مسئلن ۽ انساني غلطيءَ ذريعي اِهي گمشدگيون سمجهائڻ محال ٿيون لڳن. هنن عجيب وارتائن جا پراسرار سبب ڄاڻايا وڃن ٿا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو