
برهانپور ڪي سنڌي اولياء
برهانپور ڪي سنڌي اولياء: پاٽ شريف جي ڪجهہ بزرگن هندستان ۾ علم ۽ ادب جي جوت جلائي. ڏهين صديءَ جي انهن عالمن سڳورن ۾ مسيح الاولياء شيخ عيسيٰ سنڌي پاٽائي جو نالو بہ سرفهرست آهي. انهن عالمن پٺيان اهو علائقو سنڌي پوره سڏجڻ لڳو. جيڪو برهانپور مڌيه پرديش ۾ آهي. 1947ع کان پوءِ ان علائقي جو هڪ اهل قلم محمد مطيع ﷲ راشد برهانپوري سنڌ جي شھر ڪراچيءَ ۾ اچي مقيم ٿيو. جنهن پير حسام الدين راشدي جي فرمائش تي خطن ذريعي برهانپور مان سنڌي بزرگن متعلق معلومات گڏ ڪئي ۽ ڪتاب تيار ڪيو. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ ڪجهہ ٻين سنڌ جي عالمن ان ۾ ڪجهہ جهول محسوس ڪندي ان کي ٻيهر لکرائڻ يا حاشين ذريعي مڪمل ڪرڻ جي ضرورت محسوس ڪئي. سنڌي ادبي بورڊ جنهن اهو ڪتاب ڇپرايو هو، تنهن پاٽ جي انهن بزرگن جي اولاد مان مخدوم سليم ﷲ صديقي کي اهو ڪم سونپيو، جنهن ان ڪتاب جا تعليقات لکي مڪمل ڪيو، جيڪو 2006ع ۾ بورڊ طرفان شايع ٿيو.