حرف صحيح

حرف صحيح

حرف علت

حرف علت

برهمي رسم الخط

برهمي رسم الخط: واديءِ سنڌ جي تهذيب مان ’سنڌو لکت‘ جا قديم نمونا هٿ آيا آهن. ماهرن جي راءِ موجب سنڌو ماٿر جي انهيءَ قديم ’سنڌو لکت‘ کان پوءِ برصغير ۾ ٻن قسمن جا رسم الخط رائج هئا. اُنهن مان هڪ رسم الخط کاٻي کان ساڄي طرف لکيو ويندو هو ته ٻيو رسم الخط اُن جي ابتڙ يعني ساڄي کان کاٻي لکيو ويندو هو. اهو ساڄي کان کاٻي طرف لکڻ وارو رسم الخط، برصغير جي اُتر- اولهه واري خطي ۾ اٽڪل ٽين صدي ق. م کان وٺي، ٽين- چوٿين صدي عيسويءَ تائين جاري رهيو. انهن مان پهرئين رسم الخط کي، جيڪو کاٻي کان ساڄي طرف لکيو ويندو هو، ’برهمي رسم الخط‘ سڏيو ويندو هو، جڏهن ته ساڄي کان کاٻي طرف لکڻ جي طريقي واري رسم الخط کي ’کروشتي رسم الخط‘ سڏيندا هئا. برصغير جا اڪثر ودوان اها راءِ رکن ٿا ته برصغير جا سڀئي رسم الخطبرهمي رسم الخط‘ مان ٺهيا آهن. ٻولين جا ماهر، کروشتي رسم الخط کي آسانيءَ سان سامي رسم الخط سان ملائي، اُن کي سامي شاخ سڏين ٿا، ڇاڪاڻ ته اهو (کروشتي) رسم الخط ساڄي کان کاٻي طرف لکيو ويندو هو، پر برهمي رسم الخط جي اوليت ۽ اصليت لاءِ ماهرن جدا جدا رايا ڏنا آهن: مسٽر پرنسپ (Mr. Prinsep) ۽ ٻيا ماهر هن راءِ جا آهن ته برهمي رسم الخط، گريڪ (يوناني) رسم الخط تان ورتو ويو هو، ڇوته اهو رسم الخط کاٻي کان ساڄي طرف لکيو ويندو هو، پر سر وليم جونز، مسٽر پرنسپ ۽ ٻين جي انهيءَ دعويٰ کي رد ڪندي لکيو آهي ته ”برهمي رسم الخط جو لاڳاپو به سامي رسم الخط سان آهي.“ مسٽر بوهل هندستان جي برهمي رسم الخط جي باري ۾ ڪافي دليلن سان لکيو آهي. سندس راءِ موجب برهمي رسم الخط اُتر- سامي خطي واري رسم الخط جي شاخ آهي. مسٽر گوري شنڪر هيرانند اوجها، جنهن اشوڪا ۽ گپتا دور جي ڪتبن تي لکيل مضمونن کي 1894ع ۾ پنهنجي هندي ٻوليءَ ۾ لکيل ڪتاب ”پراچين لپي مالا“ ۾ سهيڙيو آهي، تنهن مسٽر بوهل سان اختلاف ڪندي لکيو ته ”برهمي رسم الخط، اتر سامي رسم الخط جي شاخ نه آهي ۽ نه ئي وري ڪو اهو رسم الخط سامي رسم الخط جي اوٽ تي لکيو ويو آهي.“ هن ڏس ۾ ڪن ماهرن جو خيال آهي ته ”برهمي رسم الخط“، ’ديسي رسم الخط‘ آهي ۽ واديءَ سنڌ ۾ مروج رسم الخط خاص ڪري هڙپا واري رسم الخط مان جنم ورتو اٿس.“ ڊاڪٽر احمد حسن دانيءَ جي راءِ موجب ”برهمي رسم الخط“ جو اصل نسل يا بڻ بنياد اها قديم تهذيب آهي، جنهن جو برصغير پڻ حصو رهيو آهي.“ ماهر اهو به ڄاڻائن ٿا ته واديءِ سنڌ جو ’سنڌو رسم الخط‘ ساڄي کان کاٻي طرف لکيو ويندو هو. واديءَ سنڌ جي ’تصويري رسم الخط‘ (Pictographic) ۽ انوماني يا ’ائڊيو گرافڪ رسم الخط‘ (Ideographic) جي ايجاد مان ڪافي ثبوت ملن ٿا، جن مان اهو ظاهر ٿو ٿئي ته واديءِ سنڌ جي تهذيب ۽ مغربي ايشيا جي وچ ۾ گهاٽا تعلقات هئا. واديءِ سنڌ ۾ آرين جي اچڻ کان پوءِ اهي رشتا ۽ لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيا. آريا پڙهيل هئا يا نه، اهو هڪ جدا سوال آهي، پر اها حقيقت آهي ته جن ماڻهن سان هو لهه وچڙ ۾ هئا، اُهي رسم الخط جي فن کان چڱيءَ طرح واقف هئا؛ پر اهڙو ڪوبه ثبوت نٿو ملي، جنهن مان اهو معلوم ٿي سگهي ته واديءَ سنڌ ۾ آيل آرين کي ڪو پنهنجو رسم الخط هو، يا هو ڪو پنهنجو رسم الخط کڻي آيا هئا. هن ڏس ۾ البت مسٽر گوري شنڪر هيرانند اوجها اهڙي ثبوت ڏيڻ ۽ تجزيو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. مسٽر اوجها جو رايو آهي ته آريا جڏهن واديءِ سنڌ ۾ پهتا، تڏهن کين پنهنجو رسم الخط هو. هن (مسٽر اوجها) آرين جي ٻوليءَ ۾ ڪم ايندڙ وينجنن، سُرن، وينجنن جي ميلن (sequences)، مورڌني ۽ ڏندن وارن آوازن لاءِ ڪم ايندڙ اکرن جا اُپنشندن مان حوالا ڏنا آهن، پر ڊاڪٽر داني، مسٽر اوجها جي انهيءَ دعويٰ کي قبول نٿو ڪري. ڊاڪٽر دانيءَ جي راءِ مطابق ”اشوڪا جي دور (272 ق. م کان 230 ق. م تائين) کان اڳ هندستان ۾ ديسي رسم الخط جي وجود جو ڪوبه پڪو ثبوت نٿو ملي.“ هاڻ جيڪڏهن ڊاڪٽر داني صاحب جي اها پوئين راءِ وزندار ليکي وڃي ته پوءِ هيءُ سوال ذهن تي تري ٿو اچي ته ويد ڪهڙي لپيءَ ۾ لکيا ويا هئا؟ سنسڪرت ۽ پراڪرت جو اوائلي ادب ڪهڙي رسم الخط ۾ لکيو ويو هو؟ تڪش شلا جا ودوان ڪهڙو رسم الخط ڪم آڻيندا هئا ۽ پنڊت پاڻينيءَ پنهنجو وياڪرڻ ڪهڙي لپيءَ ۾ لکيو هو؟ ڪن ماهرن جي خيال موجب ويدن جا منتر اوائلي برهمي لپيءَ ۾ لکيا ويا هئا، جنهن لپيءَ پوءِ وياڪرڻين جي هٿ هيٺ پختگي حاصل ڪئي؛ ڪن ماهرن جو خيال آهي ته ان وقت برصغير ۾ مغربي- ايشيائي رسم الخط جو ڪو نمونو استعمال ٿيندڙ هو. ڊاڪٽر دانيءَ پنهنجي ڪتاب Indian Palaeography ۾ اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته برهمي رسم الخط جي اکرن ۾ هيٺين اکرن ۽ ڪانه ڪا هڪجهڙائي آهي. اهي اکر آهن:
ڪ ک گ گهه ڱ
چ ڇ ج جهه ڃ
ٽ ٺ ڊ ڍ ڻ
ت ٿ د ڌ ن
پ ڦ ب ڀ م
ي ر ل و س هه
ڊاڪٽر دانيءَ جي راءِ موجب ”برهمي رسم الخط“ هندستاني وياڪرڻين جي ايجاد آهي. ڪن ماهرن جي راءِ موجب برهمي لپي، اُترين سامي رسم الخط، خاص ڪري آرامي يا فنيقي رسم الخط مان اُسري ۽ اڳتي وڌي، پر ڊاڪٽر دانيءَ طرفان ڏنل چارٽ جي اڀياس کان پوءِ اها ڳالهه ثابت ٿي ٿئي ته برهمي لپي ۽ اُترين سامي لپيءَ جي وچ ۾ گهڻي هڪجهڙائي ڪانهي. مٿي ماهرن جي حوالي سان چيو ويو آهي ته برهمي لپي وادي سنڌ جي ودوانن جي ذهني ايجاد آهي، جن اُن کي ديسي طرز تي جوڙيو هو. انهيءَ سلسلي ۾ ڊاڪٽر دانيءَ طرفان ڏنل چارٽ ۾ شامل ڪيل اکرن جي تقابلي مطالعي ۽ گهري اڀياس مان هيءُ نتيجو ٿو نڪري ته برهمي لپي اُترين- سامي لپيءَ جو هوبهو نقل نه آهي. هن ڏس ۾ پروفيسر بئشم ۽ جڳ مشهور آرڪيالاجسٽ سرجان مارشل جا رايا وڌيڪ وزندار ۽ حقيقت تي مبني لڳن ٿا. پروفيسر بئشم لکي ٿو ته ”ڪن ماهرن جو خيال آهي ته برهمي رسم الخط ديسي آهي ۽ وادي سنڌ ۾ مروج رسم الخط مان جنم ورتو اٿس.“ سر جان مارشل جي دعويٰ گهڻي اهميت واري آهي. هن پنهنجي تحقيقي رپورٽ ۾ Indus Script واري عنوان هيٺ لکيو آهي ته: ”واديءَ سنڌ جي موهن جي دڙي وارو رسم الخط قديم هندستان جي برهمي رسم الخط جو بڻ بنياد يعني ماخذ آهي؛ يعني ته برهمي رسم الخط وادي سنڌ جي موهن جي دڙي واري تصويري (Pictographic) رسم الخط مان جڙيو ۽ اُسريو“. هت اهو ڄاڻائڻ ضروري آهي ته موهن جي دڙي واري ’سنڌو لکت‘ ساڄي کان کاٻي لکي ويندي هئي، جڏهن ته برهمي رسم الخط کاٻي کان ساڄي لکيو ويندو هو. ان جو سبب سر جان مارشل جي راءِ موجب هيءُ ٿي سگهي ٿو ته گريڪ/ يوناني رسم الخط، فنيقي رسم الخط مان جوڙيو ويو هو، پر اُن جي لکت جو طرف ساڄي کان کاٻي طرف جي بدران، مقامي حالتن ۽ ٻوليءَ جي مزاج مطابق کاٻي کان ساڄي طرف ڦيرايو ويو، تيئن برهمي لپيءَ جو رُخ به مقامي حالتن ۽ ٻوليءَ جي صوتي ۽ اصواتي مخرجن جي ڪري، کاٻي کان ساڄي ڪيو ويو. سنڌ جي هڪ دانشور سراج، موهن جي دڙي جي ڪجهه مهرن جي لکت مان اهو انومان ڪڍيو آهي ته اها ٻنهي طرفن کان لکي ويئي آهي يعني جيڪڏهن شروعات ساڄي کان ٿي آهي ته سٽ جي پڄاڻيءَ تي نئين سٽ کي اتان ئي کاٻي طرف کان ساڄي طرف ڏانهن جاري رکيو ويو آهي. بهرحال هيءُ سوال به اهم آهي ته برهمي لپي ڪڏهن جوڙي وئي ۽ ڪهڙي زماني کان رائج ٿي، اهو چئي نٿو سگهجي. البت ايترو معلوم ٿيو آهي ته مهاراجا اشوڪا جا ڪتبا، اوائلي برهمي لپيءَ ۾ لکيل آهن. انهيءَ ثبوت جي روشنيءَ ۾ چئي سگهجي ٿو ته برهمي رسم الخط مهاراجا اشوڪا جي زماني کان ڪافي اڳ ٺاهيو ويو هوندو، جيڪو مختلف مرحلا طيءِ ڪري اشوڪا جي زماني تائين سڌريل رسم الخط بنجي چڪو هو. ايس. آر. راءُ جو رايو آهي ته ”برهمي رسم الخط جي سڀ کان آڳاٽي لکت اسان کي ’پپراهوا‘ (Piprahawa) جي هڪ ننڍڙي پيتيءَ (Casket) تي لکيل ملي آهي، جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته اها 450 ق. م سان واسطو رکي ٿي. برهميءَ کي سنڌو لکت سان ڀيٽائي ڏسڻ جي مقصد سان، اشوڪا جي دور وارن ٽڪرن تي اُڪريل لکت کي شامل ڪيو ويو آهي، جنهن جو لاڳاپو ٽين صديءَ ق. م سان آهي. هڪ پاسي موهن جي دڙي جي پوئين دور سان لاڳاپيل ڪن ماڳن، جهڙوڪ رنگبور، لوٿل، دوارڪا ٻيٽ ۽ دائم آباد (1600- 1300 ق. م) مان لکتون لڌيون ويون آهن، ٻئي پاسي برهمي لکت آهي، جنهن جو واسطو ’اشوڪ‘ ۽ ’پيراهوا‘ جي دور واريءَ لکت سان آهي، اُن جو زمانو ٽين صدي ق. م آهي. ٻنهي ۾ وقت جي وڏي وٿيءَ هوندي به سنڌو لکت جون سورهن نشانيون، برهمي لکت ۾ ڏٺيون ويون آهن. ڪي اهڙيون نشانيون به نظر آيون آهن، جيڪي سنڌو لکت ۾ نه هيون، پر رڳو برهميءَ ۾ موجود هيون. سخت تارونءَ وارن آوازن، جهڙوڪ: چ، ج، ش ۽ ي. اهو وچ وارو مرحلو اسان کي دائم آباد ۽ دوارڪا ٻيٽ مان لڌل لکتن ۾ ڏسڻ ۾ اچي ٿو. اهڙيءَ ريت سترهن نشانيون اهڙيون لڌيون آهن، جيڪي سامي ۽ سنڌو- لکت ۾ هڪجهڙيون آهن. سورهن نشانيون وري اهڙيون آهن، جيڪي سنڌو ۽ برهمي لکتن ۾ هڪجهڙائي رکن ٿيون. جيئن ته سنڌو- لکت برهمي ۽ سامي لکت کان تمام پراڻي آهي، تنهنڪري معلوم ائين ٿو ٿئي ته هنن ٻنهي، سنڌو- لکت تان پنهنجون نشانيون ورتيون آهن .
پهرين صدي عيسويءَ جي ٻوڌي عبادتگاهن مان برهميءَ ۾ لکتون مليون آهن، جن مان سانچي جي ڏيورين مان مليل لکتون اهم آهن، جيڪي ٽامي جي ٿالهين جي اڪريل آهن. اهي ڪهنا ماڳ لپيءَ جي قدامت ٻڌائين ٿا. ٻڌن جي ڪتاب ”ليتا وستار“ ۾ 64 لپين جو ذڪر ملي ٿو. ان تي اڃا تحقيق رهيل آهي. هي ڀانڀي جي نالي سان به سڏي ۽ سڃاتي وڃي ٿي. هي ٻوڌين جي دور جي اهم لپي آهي، ٻڌن جا ڪتاب پالي ٻولي ۽ برهمي ۾ لکيا ويندا هئا. هن لکت مان، جاواني، بانيز، برمي، ڪمپوڊيائي، لائو، گاتي سترام آهن (جنهن مان جديد جپاني ۽ ٻيا رسم الخط ٺهيا آهن) هن جو ڪيليگرافيءَ وارو نمونو جپان ۾ آرٽ جو درجو رکي ٿو .


لفظ برهمي رسم الخطھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو