برهمڻ آباد جو هڪ نظارو
قديم آثار
برهمڻ آباد: شهدادپور ريلوي اسٽيشن کان 8 ميل اوڀر طرف برهمڻ آباد جي ڦٽل شهر جا آثار موجود آهن. اهي قديم آثار، ”دلوراءِ جي دڙن“ سان به سڃاتا وڃن ٿا، جيڪي تعلقي شهدادپور جي ديهه ” 42 جُمڙائو“ ۾ هڪ ڪلوميٽر جي فاصلي تي آهن. هيءُ شهر هڪ وڏي ايراضيءَ ۾ پکڙيل هو، جيڪو ڪنهن وقت پُررونق هوندو هو، پر اڄڪلهه رڳو مٽيءَ جي ڍيرن جي صورت ۾ آهي. عربن، 712ع ۾ سنڌ فتح ڪرڻ کان پوءِ، سنڌ جي دارالحڪومت لاءِ برهمڻ آباد کي منصوره جو نالو ڏنو. لوڪ روايتون آهن ته هتان جو حاڪم ”دلوراءِ“ نالي هڪ ظالم شخص هو، جنهن جي ظلمن سبب هيءُ شهر تباهه ٿيو. پر اصل ۾ هيءُ شهر مهراڻ درياهه جي رُخ مٽائڻ ڪري تباهه ٿيو هو. ڪن جو خيال آهي ته محمود غزنويءَ سومناٿ فتح ڪرڻ بعد واپسيءَ تي حملو ڪري هتان ڦرمار ڪري، هيءُ شهر ساڙي ڇڏيو هو، ڇو جو اُتي اسماعيلي خفيف سومري جي حڪومت هئي. اسماعيلين سان هن جو ازلي وير هو. سال 1854ع ۾ بيلاسس ۽ رچرڊسن هنن آثارن جي کوٽائي ڪئي هئي ۽ کوٽائيءَ جا نتيجا بمبئيءَ جي رايل ايشياٽڪ سوسائٽيءَ جي رسالي ’السٽريٽيڊ لنڊن‘ ۾ سال 1857ع ۾ ڇپيا هئا. ڪي لڌل شيون برٽش ميوزيم ۽ بمبئيءَ جي عجائب گهر ۾ رکيون ويون. هن ڦٽل شهر ۾ پٿر جي ڪنهن به قسم جي تعمير ڪانهي، پر شهر ۾ هنڌين ماڳين پراڻي سڙيل ڪاٺ جا ٽڪرا اهو ثابت ٿا ڪن ته هتي تمام عمدو ۽ وڏي پيماني تي ڪاٺ جو ڪم ٿيل هو. هن پراڻي شهر کي آباد ڪرڻ جا گهٽ ۾ گهٽ ٻه ڌار ڌار دور آهن. مٿئين تهه جي ڀتين جا بنياد ننڍي تختيءَ وارين سرن سان جوڙيل آهن. ڀانئجي ٿو ته مٿئين تهه وارو شهر عرب دور جو اڏايل آهي. ان حصي مان مڻيا ۽ سڪا به مليا آهن، جيڪي پوئين دور سان لاڳاپيل آهن، پر ٻي ڪابه قيمتي شيءِ نه ملي آهي. ٽامي جا ڪٽيل ۽ ڳريل سڪا ته جام مليا آهن، پر چانديءَ جا تمام ٿورا مليا آهن ۽ سون جا ته ماڳهين ڪونه مليا آهن. ان کان هيٺئين تهه جي کوٽائيءَ مان هندو دور جون مورتيون وغيره مليون آهن، يعني ته هن شهر جي اڏاوت ۾ هيٺيون تهه قديم دور جي اڏاوت وارو آهي ۽ مٿئين تهه ۾ ابتدائي عرب دور جا آثار آهن. چچنامي ۾ هن نالي جي صورتخطي ”برهمناباد“ آهي. بهر صورت هن نالي جي پڇاڙي ”آباد“ مان ظاهر آهي ته هيءُ اصل ايراني نالو آهي. تاريخ مان به دليل نڪري ٿو ته هيءُ شهر غالباً ايران جي بادشاهه بهمن اردشير جي حڪم سان ٻڌو ويو هو ۽ ان جو اصل نالو ’بهمنوا‘ هو، جيڪو بدلجي ’بهمن آباد‘ ٿيو. بهمن اردشير پنهنجي وسيع بادشاهيءَ ۾ انهيءَ نالي سان شهر جوڙايا، هڪڙو بهمن آباد، خراسان ۾، جيڪو ”ري“ ۽ ”نيشاپور“ شهرن جي درميان هو، ٻيو عراق ۾ جنهن کي پهريائين ”ابيد اردشير“ جو نالو ڏنو ويو، مگر اهو به پوءِ ”بهمنيا“ سڏجڻ لڳو ۽ خود مؤرخ طبريءَ جي ڏينهن (932- 868هه/ 1525-1463ع) ۾ پڻ موجود هو. جيئن ته سنڌ کي به اردشير فتح ڪري پنهنجي بادشاهت هيٺ آندو هو، انهيءَ ڪري سنڌ ۾ پڻ سندس نالي سان شهر ٻڌو ويو هوندو. انهيءَ جي تصديق ”مجمع التواريخ“ مان ٿئي ٿي، جنهن جو مصنف لکي ٿو ته بهمن اردشير هن پاسي ٻه شهر ٻڌايا، هڪڙو ترڪن ۽ هندن جي سرحد نروار ڪرڻ لاءِ قندابيل (گنداوا) ۽ ٻيو ٻُڌيه جي پرڳڻي ۾ ”بهمڻ آباد“، جنهن نالي سان هينئر ”منصوره“ کي سڏيو وڃي ٿو .
غالباً گهڻو پوءِ جڏهن سنڌ ۾ برهمڻن جو دخل ٿيو، تڏهن ”بهمن آباد“ نالي کي ڦيرائي ”برهمڻ آباد“ سڏيو ويو. هندستان جي برهمڻ راجا ”قفند“ پنهنجي ڀاءُ ساميڌ کي جڏهن سنڌ تي چاڙهي موڪليو، تڏهن هن بهمڻ آباد ۾ آتشڪدي جي جاءِ تي بتخانو قائم ڪيو. شهر جي نالي جي ڦيرگهير شايد خود انهيءَ تعصب سبب يا برهمڻن جي ڊگهي تسلط سبب يا سنڌي ٻوليءَ جي مقامي اُچار سبب وجود ۾ آئي هجي. البيرونيءَ پنهنجي تصنيف ’ڪتاب الهند‘ ۾ 11 صدي عيسويءَ جي شروعات ڌاري به هن شهر جو نالو ”بهمنوا“ لکيو آهي، جنهن مان پڻ هن شهر جي اصلي ايراني نالي جي تائيد ٿئي ٿي. البيرونيءَ وڌيڪ لکي ٿو ته ”برهمناباد“ درحقيقت ”بهمنوا“ آهي. ’فتح نامي‘ مان ظاهر آهي ته راءِ گهراڻي جي وقت ۾ برهمڻ آباد، لوهاڻي پرڳڻي جو مرڪزي شهر ۽ اتي جي حاڪم ”اگهم راجا“ جي گاديءَ جو هنڌ هو. محمد بن قاسم جي فتح وقت يعني 712ع ۾ برهمڻ آباد هن ايراضيءَ جو مکيه قلعو هو. شهر هن مضبوط قلعي اندر هو، جنهن کي چار دروازا هئا ۽ هن شهر جي اُڀرندي پاسي کان ”جلوالي“ نالي نهر وهندڙ هئي. برهمڻ آباد جي مرڪزي حيثيت غالباً تڏهن گهٽي، جڏهن محمد بن قاسم جي پٽ عَمرو، سنڌ جي گورنر، الحڪم جي ايامڪاريءَ ۾ (22-121هه/ 39- 738ع) سندس شاندار فتوحات جي يادگار ۾ منصوره جو شهر ٻڌايو، جو برهمڻ آباد کان ٻن فرسنگن جي مفاصلي تي هو. هن نئين شهر جو نالو جيتوڻيڪ الحڪم جي فتوحات سبب ”المنصوره“ رکيو ويو، پر جيئن ته هيءُ نئون شهر هن ساڳئي برهمڻ آباد واري ايراضيءَ توڙي سڄيءَ سنڌ جو تخت گاهه بنيو، انهيءَ ڪري مقامي طور سنڌ وارن جي نئين شهر کي به برهمڻ آباد سڏيو. اصطخريءَ ۽ ابن حوقل صاف طور لکيو آهي ته سنڌ ۾ منصوره کي به ”برهمناباد“ جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. انهيءَ ڪري ئي عرب مؤرخن منصوره جي هن نئين مقامي نالي برهمڻ آباد ۽ جهوني بهمن آباد (جيڪو منصوره کان ٻه فرسنگ پري هو) ۾ تميز ڪرڻ لاءِ اصلي برهمڻ آباد (جنهن کي محمد بن قاسم فتح ڪيو هو) ”برهمناباد قديمتي“ يا ”برهمناباد قديم“ يعني جهونو برهمڻ آباد ڪري سڏيو. هاڻي سوال آهي ته اهو اصلي قديم برهمڻ آباد ڪهڙيءَ جڳهه تي هو. هن سلسلي ۾ ٻه حوالا نهايت اهم آهن: هڪ ته برهمڻ آباد، نئين ٻڌايل شهر منصوره کان ٻن فرسنگن جي مفاصلي تي هو ۽ ٻيو ته ان جي اڀرندي طرف کان ”جلوالي“ ندي وهندڙ هئي. آثار قديمه کاتي طرفان 22- 1920ع واري عرصي ۾ جيڪا کوٽائي ٿي، ان مان ثابت ٿي چڪو آهي ته شهدادپور کان 8 ميل کن اوڀر- ڏکڻ طرف جمڙائو واهه جي لڳولڳ اوڀر طرف، دلوراءِ وارو مشهور ڀڙو ۽ ان جا وسيع کنڊرات درحقيقت عربي شهر منصوره جا کنڊرات آهن. عرب گورنرن جا لڌل سڪا، ٺِڪر جو سامان ۽ قديم شاهي مسجد جا آثار ۽ هن شهر جي مقامي نالي ”ٻانڀڻياهه“ سبب، هن آثارن کي برهمڻ آباد ٺهرايو ويو آهي. منصوره کان اتر اوڀر طرف ڄراريءَ جو ڳوٺ آهي، جنهن جو نالو قديم نهر ”جلوالي“ (جلوالي= ڄرواري=ڄراري) جو هڪ يادگار آهي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکيو آهي ته: ”اسان انهيءَ ايراضيءَ جو پوريءَ طرح گشت ڪيو آهي، اسان جي خيال ۾ ”ڳاڙهي ڀڙي“ (ڳوٺ پليي لغاري، تعلقي سنجهوري جي لڳ اوڀر طرف) جا کنڊرا يا ڏيپر گهانگهري جي ٺُل (جهول طرف) اولهه وارا کنڊرا، انهن ٻن مان ڪنهن به هڪ جا آثار قديم ”برهمڻ آباد“ جا آثار آهن. اهي ٻئي کنڊرات منصوره کان اٽڪل پنجن ڇهن ميلن يعني ٻن فرسنگن جي مفاصلي تي آهن.“ هاڻ هڪ منارو وڃي بچيو آهي، يعني بابن واهه جي شهر ۾. ماڻهن کي انهيءَ مناري بابت شڪ آهي ته اهو بانبراهه، بانبناهه (ٻانڀڻاهه) ”برهمڻ آباد“ آهي، پر تاريخ جي مطالعي ۽ آثار قديمه جي کوجنا موجب ان جا آثار، جيڪي شهدادپور، ضلعي سانگهڙ کان 8 ميل اوڀر تي موجود آهن، اصل ۾ منصوره سان تعلق رکن ٿا، جنهن کي بن محمد بن قاسم'>عمرو بن محمد بن قاسم سال 112- 111هه/ 30-729ع ڌاري حڪم بن عوانه ڪلبيءَ جي حڪومت دوران تعمير ڪرايو هو. ان کان پوءِ اهو شهر سنڌ ۾ نئين برهمڻ آباد جي نالي مشهور ٿيو. آڳاٽو برهمڻ آباد جو شهر هن نئين شهر (منصوره) کان ٻه فرسنگ پري هو، جنهن جا آثار منصوره کان اڀرندي پاسي آهن. اڄڪلهه ان کي ڏيپر گهانگهري وارو ڦٽل ماڳ ڪوٺيو وڃي ٿو. برهمڻ آباد کان ڏکڻ، عمرڪوٽ ۽ کپري جي وچ تي ڪيترن ئي قديم شهرن جا کنڊر آهن. انهن مان هڪ ”رتو ڪوٽ“ به آهي، جيڪو هاڪڙي درياهه جي ڪنڌيءَ سان آباد هو. وري ڪجهه هيٺ قديم بدين جي کنڊرن جي اوسي پاسي پراڻا شهر هئا. هتي مکيه وهڪري مان ڪيتريون ئي ڇاڙهون نڪرنديون ڏسجن ٿيون، جن جا پراڻا پيٽ ڏاڍا چٽا بيٺا آهن. پندرهن ويهن ميلن ۾ مذڪوره ڇاڙهون مکيه وهڪري سان پور وڇوٽ هلنديون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون ۽ اهو علائقو انهن ڇاڙهن جي پيٽن سان چچريو پيو آهي .