برهمڻ آباد جو هڪ نظارو

برهمڻ آباد جو هڪ نظارو

قديم آثار

قديم آثار

برهمڻ آباد

برهمڻ آباد: شھدادپور ريلوي اسٽيشن کان 8 ميل اوڀر طرف برهمڻ آباد جي ڦٽل شھر جا آثار موجود آهن. اهي قديم آثار، ”دلوراءِ جي دڙن“ سان بہ سڃاتا وڃن ٿا، جيڪي تعلقي شھدادپور جي ديھہ ” 42 جُمڙائو“ ۾ هڪ ڪلوميٽر جي فاصلي تي آهن. هيءُ شھر هڪ وڏي ايراضيءَ ۾ پکڙيل هو، جيڪو ڪنهن وقت پُررونق هوندو هو، پر اڄڪلھہ رڳو مٽيءَ جي ڍيرن جي صورت ۾ آهي. عربن، 712ع ۾ سنڌ فتح ڪرڻ کان پوءِ، سنڌ جي دارالحڪومت لاءِ برهمڻ آباد کي منصوره جو نالو ڏنو. لوڪ روايتون آهن تہ هتان جو حاڪم ”دلوراءِ“ نالي هڪ ظالم شخص هو، جنهن جي ظلمن سبب هيءُ شھر تباھہ ٿيو. پر اصل ۾ هيءُ شھر مهراڻ درياھہ جي رُخ مٽائڻ ڪري تباھہ ٿيو هو. ڪن جو خيال آهي تہ محمود غزنويءَ سومناٿ فتح ڪرڻ بعد واپسيءَ تي حملو ڪري هتان ڦرمار ڪري، هيءُ شھر ساڙي ڇڏيو هو، ڇو جو اُتي اسماعيلي خفيف سومري جي حڪومت هئي. اسماعيلين سان هن جو ازلي وير هو. سال 1854ع ۾ بيلاسس ۽ رچرڊسن هنن آثارن جي کوٽائي ڪئي هئي ۽ کوٽائيءَ جا نتيجا بمبئيءَ جي رايل ايشياٽڪ سوسائٽيءَ جي رسالي ’السٽريٽيڊ لنڊن‘ ۾ سال 1857ع ۾ ڇپيا هئا. ڪي لڌل شيون برٽش ميوزيم ۽ بمبئيءَ جي عجائب گهر ۾ رکيون ويون. هن ڦٽل شھر ۾ پٿر جي ڪنهن بہ قسم جي تعمير ڪانهي، پر شھر ۾ هنڌين ماڳين پراڻي سڙيل ڪاٺ جا ٽڪرا اهو ثابت ٿا ڪن تہ هتي تمام عمدو ۽ وڏي پيماني تي ڪاٺ جو ڪم ٿيل هو. هن پراڻي شھر کي آباد ڪرڻ جا گهٽ ۾ گهٽ ٻہ ڌار ڌار دور آهن. مٿئين تھہ جي ڀتين جا بنياد ننڍي تختيءَ وارين سرن سان جوڙيل آهن. ڀانئجي ٿو تہ مٿئين تھہ وارو شھر عرب دور جو اڏايل آهي. ان حصي مان مڻيا ۽ سڪا بہ مليا آهن، جيڪي پوئين دور سان لاڳاپيل آهن، پر ٻي ڪابہ قيمتي شيءِ نہ ملي آهي. ٽامي جا ڪٽيل ۽ ڳريل سڪا تہ جام مليا آهن، پر چانديءَ جا تمام ٿورا مليا آهن ۽ سون جا تہ ماڳهين ڪونه مليا آهن. ان کان هيٺئين تھہ جي کوٽائيءَ مان هندو دور جون مورتيون وغيرہ مليون آهن، يعني تہ هن شھر جي اڏاوت ۾ هيٺيون تھہ قديم دور جي اڏاوت وارو آهي ۽ مٿئين تھہ ۾ ابتدائي عرب دور جا آثار آهن. چچنامي ۾ هن نالي جي صورتخطي ”برهمناباد“ آهي. بھر صورت هن نالي جي پڇاڙيآباد“ مان ظاهر آهي تہ هيءُ اصل ايراني نالو آهي. تاريخ مان بہ دليل نڪري ٿو تہ هيءُ شھر غالباً ايران جي بادشاھہ بھمن اردشير جي حڪم سان ٻڌو ويو هو ۽ ان جو اصل نالو ’بهمنوا‘ هو، جيڪو بدلجي ’بھمن آباد‘ ٿيو. بھمن اردشير پنھنجي وسيع بادشاهيءَ ۾ انهيءَ نالي سان شھر جوڙايا، هڪڙو بھمن آباد، خراسان ۾، جيڪو ”ري“ ۽ ”نيشاپور“ شهرن جي درميان هو، ٻيو عراق ۾ جنهن کي پهريائين ”ابيد اردشير“ جو نالو ڏنو ويو، مگر اهو بہ پوءِ ”بهمنيا“ سڏجڻ لڳو ۽ خود مؤرخ طبريءَ جي ڏينهن (932- 868ھہ/ 1525-1463ع) ۾ پڻ موجود هو. جيئن تہ سنڌ کي بہ اردشير فتح ڪري پنھنجي بادشاهت هيٺ آندو هو، انهيءَ ڪري سنڌ ۾ پڻ سندس نالي سان شھر ٻڌو ويو هوندو. انهيءَ جي تصديق ”مجمع التواريخ“ مان ٿئي ٿي، جنهن جو مصنف لکي ٿو تہ بھمن اردشير هن پاسي ٻہ شھر ٻڌايا، هڪڙو ترڪن ۽ هندن جي سرحد نروار ڪرڻ لاءِ قندابيل (گنداوا) ۽ ٻيو ٻُڌيه جي پرڳڻي ۾ ”بھمڻ آباد“، جنهن نالي سان هينئر ”منصوره“ کي سڏيو وڃي ٿو .
غالباً گهڻو پوءِ جڏهن سنڌ ۾ برهمڻن جو دخل ٿيو، تڏهن ”بھمن آباد“ نالي کي ڦيرائي ”برهمڻ آباد“ سڏيو ويو. هندستان جي برهمڻ راجا ”قفند“ پنھنجي ڀاءُ ساميڌ کي جڏهن سنڌ تي چاڙهي موڪليو، تڏهن هن بھمڻ آباد ۾ آتشڪدي جي جاءِ تي بتخانو قائم ڪيو. شھر جي نالي جي ڦيرگهير شايد خود انهيءَ تعصب سبب يا برهمڻن جي ڊگهي تسلط سبب يا سنڌي ٻوليءَ جي مقامي اُچار سبب وجود ۾ آئي هجي. البيرونيءَ پنھنجي تصنيف ’ڪتاب الهند‘ ۾ 11 صدي عيسويءَ جي شروعات ڌاري بہ هن شھر جو نالو ”بهمنوا“ لکيو آهي، جنهن مان پڻ هن شھر جي اصلي ايراني نالي جي تائيد ٿئي ٿي. البيرونيءَ وڌيڪ لکي ٿو تہ ”برهمناباد“ درحقيقت ”بهمنوا“ آهي. ’فتح نامي‘ مان ظاهر آهي تہ راءِ گهراڻي جي وقت ۾ برهمڻ آباد، لوهاڻي پرڳڻي جو مرڪزي شھر ۽ اتي جي حاڪماگهم راجا“ جي گاديءَ جو هنڌ هو. محمد بن قاسم جي فتح وقت يعني 712ع ۾ برهمڻ آباد هن ايراضيءَ جو مکيہ قلعو هو. شھر هن مضبوط قلعي اندر هو، جنهن کي چار دروازا هئا ۽ هن شھر جي اُڀرندي پاسي کان ”جلوالي“ نالي نھر وهندڙ هئي. برهمڻ آباد جي مرڪزي حيثيت غالباً تڏهن گهٽي، جڏهن محمد بن قاسم جي پٽ عَمرو، سنڌ جي گورنر، الحڪم جي ايامڪاريءَ ۾ (22-121ھہ/ 39- 738ع) سندس شاندار فتوحات جي يادگار ۾ منصوره جو شھر ٻڌايو، جو برهمڻ آباد کان ٻن فرسنگن جي مفاصلي تي هو. هن نئين شھر جو نالو جيتوڻيڪ الحڪم جي فتوحات سبب ”المنصوره“ رکيو ويو، پر جيئن تہ هيءُ نئون شھر هن ساڳئي برهمڻ آباد واري ايراضيءَ توڙي سڄيءَ سنڌ جو تخت گاھہ بنيو، انهيءَ ڪري مقامي طور سنڌ وارن جي نئين شھر کي بہ برهمڻ آباد سڏيو. اصطخريءَ ۽ ابن حوقل صاف طور لکيو آهي تہ سنڌ ۾ منصوره کي بہ ”برهمناباد“ جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. انهيءَ ڪري ئي عرب مؤرخن منصوره جي هن نئين مقامي نالي برهمڻ آباد ۽ جهوني بھمن آباد (جيڪو منصوره کان ٻہ فرسنگ پري هو) ۾ تميز ڪرڻ لاءِ اصلي برهمڻ آباد (جنهن کي محمد بن قاسم فتح ڪيو هو) ”برهمناباد قديمتي“ يا ”برهمناباد قديم“ يعني جهونو برهمڻ آباد ڪري سڏيو. هاڻي سوال آهي تہ اهو اصلي قديم برهمڻ آباد ڪهڙيءَ جڳھہ تي هو. هن سلسلي ۾ ٻہ حوالا نهايت اهم آهن: هڪ تہ برهمڻ آباد، نئين ٻڌايل شھر منصوره کان ٻن فرسنگن جي مفاصلي تي هو ۽ ٻيو تہ ان جي اڀرندي طرف کان ”جلوالي“ ندي وهندڙ هئي. آثار قديمہ کاتي طرفان 22- 1920ع واري عرصي ۾ جيڪا کوٽائي ٿي، ان مان ثابت ٿي چڪو آهي تہ شھدادپور کان 8 ميل کن اوڀر- ڏکڻ طرف جمڙائو واھہ جي لڳولڳ اوڀر طرف، دلوراءِ وارو مشھور ڀڙو ۽ ان جا وسيع کنڊرات درحقيقت عربي شھر منصوره جا کنڊرات آهن. عرب گورنرن جا لڌل سڪا، ٺِڪر جو سامان ۽ قديم شاهي مسجد جا آثار ۽ هن شھر جي مقامي نالي ”ٻانڀڻياھہ“ سبب، هن آثارن کي برهمڻ آباد ٺهرايو ويو آهي. منصوره کان اتر اوڀر طرف ڄراريءَ جو ڳوٺ آهي، جنهن جو نالو قديم نھر ”جلوالي“ (جلوالي= ڄرواري=ڄراري) جو هڪ يادگار آهي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکيو آهي تہ: ”اسان انهيءَ ايراضيءَ جو پوريءَ طرح گشت ڪيو آهي، اسان جي خيال ۾ ”ڳاڙهي ڀڙي“ (ڳوٺ پليي لغاري، تعلقي سنجهوري جي لڳ اوڀر طرف) جا کنڊرا يا ڏيپر گهانگهري جي ٺُل (جهول طرف) اولھہ وارا کنڊرا، انهن ٻن مان ڪنهن بہ هڪ جا آثار قديم ”برهمڻ آباد“ جا آثار آهن. اهي ٻئي کنڊرات منصوره کان اٽڪل پنجن ڇھن ميلن يعني ٻن فرسنگن جي مفاصلي تي آهن.“ هاڻ هڪ منارو وڃي بچيو آهي، يعني بابن واھہ جي شھر ۾. ماڻهن کي انهيءَ مناري بابت شڪ آهي تہ اهو بانبراھہ، بانبناھہ (ٻانڀڻاھہ) ”برهمڻ آباد“ آهي، پر تاريخ جي مطالعي ۽ آثار قديمہ جي کوجنا موجب ان جا آثار، جيڪي شهدادپور، ضلعي سانگهڙ کان 8 ميل اوڀر تي موجود آهن، اصل ۾ منصوره سان تعلق رکن ٿا، جنهن کي بن محمد بن قاسم'>عمرو بن محمد بن قاسم سال 112- 111ھہ/ 30-729ع ڌاري حڪم بن عوانه ڪلبيءَ جي حڪومت دوران تعمير ڪرايو هو. ان کان پوءِ اهو شھر سنڌ ۾ نئين برهمڻ آباد جي نالي مشھور ٿيو. آڳاٽو برهمڻ آباد جو شھر هن نئين شھر (منصوره) کان ٻہ فرسنگ پري هو، جنهن جا آثار منصوره کان اڀرندي پاسي آهن. اڄڪلھہ ان کي ڏيپر گهانگهري وارو ڦٽل ماڳ ڪوٺيو وڃي ٿو. برهمڻ آباد کان ڏکڻ، عمرڪوٽ ۽ کپري جي وچ تي ڪيترن ئي قديم شهرن جا کنڊر آهن. انهن مان هڪ ”رتو ڪوٽ“ بہ آهي، جيڪو هاڪڙي درياھہ جي ڪنڌيءَ سان آباد هو. وري ڪجهہ هيٺ قديم بدين جي کنڊرن جي اوسي پاسي پراڻا شھر هئا. هتي مکيہ وهڪري مان ڪيتريون ئي ڇاڙهون نڪرنديون ڏسجن ٿيون، جن جا پراڻا پيٽ ڏاڍا چٽا بيٺا آهن. پندرهن ويهن ميلن ۾ مذڪوره ڇاڙهون مکيہ وهڪري سان پور وڇوٽ هلنديون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون ۽ اهو علائقو انهن ڇاڙهن جي پيٽن سان چچريو پيو آهي .


لفظ برهمڻ آبادھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو