برهمڻ گهراڻو

برهمڻ گهراڻو: سنڌ تي حڪمراني ڪندڙ برهمڻ گهراڻو، جيڪو عربن کان اڳ سنڌ تي حڪومت ڪندو هو. برهمڻ گهراڻي جي راجائن 632ع کان 712ع تائين، 80 ورهيہ سنڌ تي حڪومت ڪئي. هن گهراڻي جا ٽي راجا مشھور آهن: (1) چچ پٽ سيلائج، (2) چندر پٽ سيلائج ۽ (3) ڏاهر پٽ چچ. برهمڻ گهراڻي جو بنياد چچ وڌو، جيڪو راءِ گهراڻي جي آخري بادشاھہ راءِ سهاسي ثانيءَ جي وزير رام راءِ وٽ منشي هو. چيو وڃي ٿو تہ هن راءِ سهاسي ثانيءَ جي راڻي سونهن ديويءَ (سونهنديءَ) جي مدد سان تخت هٿ ڪيو. چچ جي من جي مراد اها ٿي ڏٺي تہ ٻڌ ڌرم جو زور ڀڃي، برهمڻزم جو جهنڊو بلند ڪري. هُو، اول، سنڌ جي وزير رامراءِ وٽ منشي ٿي ڪم ڪرڻ لڳو. پنھنجي قابليت جي ڪري، رامراءِ جي مرڻ کان پوءِ وزير ٿيو. پوءِ راءِ سهاسيءَ جي راڻيءَ سونهنديءَ (سونهن ديوي) سان شادي ڪيائين ۽ راءِ سهاسيءَ کان پوءِ سنڌ جو حاڪم ٿيو ۽ برهمڻ ڌرم کي زور وٺايائين. چچ سنڌ تي 40 سال حڪومت ڪئي. کانئس پوءِ سندس ڀاءُ چندر گاديءَ تي ويٺو، جنهن اٺ سال حڪمراني ڪئي. برهمڻ گهراڻي جو آخري بادشاھہ ڏاهر پٽ چچ هو. ڏاهر 12 ورهيہ حڪومت ڪئي. هن جي دؤر ۾ عربن سنڌ تي ڪاھہ ڪئي. ٻن ڪاهن ۾ عربن کي شڪست ملي. ٽينءَ ڪاھہ (جنهن جي اڳواڻي محمد بن قاسم ڪئي) ۾ عربن سنڌ تي قبضو ڪيو. جنگ ۾ راجا ڏاهر مارجي ويو. اهڙيءَ طرح 712ع ۾ برهمڻ گهراڻي جي 80 سالن جي دور جي پڄاڻي ٿي .


لفظ برهمڻ گهراڻوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو