برهم گپت
برهم گپت: آڳاٽي دور جو ماهر فلڪيات هو. 598ع ڌاري ”ڀلمال“ يعني قديم سنڌ ۾ ڄائو هو. هو فلڪيات کان سواءِ رياضيءَ جو به ڄاڻو هو. ان کان سواءِ هن انهيءَ علم جو ڪتاب ”برهما سڦتا سنڌنتا“، 628ع ۾ لکيو، جيڪو نظم واري انداز ۾ لکيل هو. ڪتاب ۾ ڪائنات جي شروعات بابت بحث ٿيل آهي. 669ع ۾ لاڏاڻو ڪيائين .