بَروو/ بَروئو: هڪ راڳڻيءَ جو نالو. هيءُ دراصل هندي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي وِرههُ، بِرههُ، پريت. بروو هڪ سر جو نالو آهي. شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي رسالي ۾ ’سر‘ يا ’راڳ‘ جي نالي کان الڳ سنڌي لغتن جي لحاظ کان پڻ ’بروي‘ ۾ معنيٰ سمايل آهي. ٿي سگهي ٿو ته اصل لفظ ’وِره‘ يا ’بره‘ هجي، يعني وڇوڙو، درد ۽ فراق. انهيءَ لحاظ سان ميين محمد ۽ ميين حسين جي لکيل رسالي ۾ هڪ سر جو نالو ’سر بِره‘ ڪري لکيو ويو آهي. اهو به ممڪن آهي ته ’وره‘ ۽ ’بره‘ اُچار وڌي ’برهو‘ ٿي ويو هجي. ’وِرهه وارو‘ يا ’برهه وارو‘، جيڪو سدائين ڏک ۽ غم جو گهايل ۽ بيمار هجي. ’برهو‘ واري اُچار جي صورت ’بروو‘ ٿي، جنهن جي معنيٰ به سنڌي لغت جي لحاظ سان، مريض ۽ بيمار ٿئي ٿي. مولوي احمد ملاح، جيڪو سنڌي ٻوليءَ جو وڏو ڄاڻو هو، تنهن پنهنجي هڪ شعر ۾ ’بروو‘ جو لفظ انهيءَ معنيٰ ۾ آندو آهي:
” بره خود بروو بنايس، بت بچائي ڇا ڪريان “
هندستاني موسيقيءَ ۾ ”راڳ بروو“ موجود آهي، پر سنڌ ۾ ”بروو“ شروع کان ئي سنڌي موسيقيءَ جي هڪ مقامي راڳ يا راڳڻيءَ طور ڳايو ويو آهي. ان جو ثبوت اهو آهي، جو شاهه جي رسالي جي ”سُر بروي“ کان جدا سنڌ ۾ آڳاٽي وقت کان وٺي، ويندي 20 صديءَ جي پهرئين اڌ تائين ڪافيون ۽ ڪلام سنڌي ’بروي راڳڻي‘ ۾ ڳايا ويا. سچل، نانڪ يوسف، نواب امام بخش لغاري، فقير نواب ولي محمد لغاري ۽ منٺار فقير راڄڙ جون ڪافيون ’سر بروو‘، ’روپ بروو‘ يا ’راڳڻي بروو‘ جي عنوان سان موجود آهن. فقير نانڪ يوسف جي ڪافين ۾ ’سنڌي بروو راڳڻي‘ تلنگ سان لاڳو آهي. ”شاهه جي راڳ‘ ۾ به شروع کان وٺي ’سنڌي بروي‘ کي هندستاني يا هندي ’راڳ بروي‘ کان جدا ڪري ڳايو ويو آهي. اوائلي توڙي وچولي دور وارن شاهه جي قلمي رسالن ۾ انهيءَ فرق کي واضح ڪيو ويو آهي؛ يعني ته سنڌي بيتن واري ’سر بروي‘ کي ’بروو سنڌي‘ ۽ هندي بيتن واري سر بروي کي ’بروو هندي‘ يا ”بيراڳ هندي“ ڪري لکيو ويو آهي. هن سر ۾ شاهه عبداللطيف، مشتاق طرفان قاصد ڪانءُ کي اهو تاڪيد ڪيو آهي ته محبوب کي سنيهڙو وڏي نياز ۽ نوڙت سان ڏج .
” ڪري ڪانگ ڪرنشون، پيرين پرينءَ پئيج “
عام خيال اهو ته پيغام ڏيندي ئي جيڪڏهن ڪانگ اُڏامي ويو ته چئبو ته واڌائيءَ وارو آهي ۽ پيغام پورو پهچندو. انهيءَ خيال مطابق پيغام وارن اکرن کان اڳ واڌائيءَ وارا اکر چئبا ته ”اڏر ڪانگ“ يعني ته مٿي منيءَ تي يا ٽاريءَ تي ويٺل ڪانگ کي ’اڏر ڪانگ‘ جي واڌائي ڏيئي پوءِ پيغام جا اکر چئبا، جيئن ته ”اڏر مٿان ڦانگ“، ”کر جاون آون پرين“ هن سٽ جي پهرئين اڌ وارا لفظ واڌائيءَ جا آهن ۽ پوئين اڌ وارا پيغام طور پنهنجي دل جي مقصد جا ته ”شال رقيب رلن ۽ پرين اچن“.