بروج سورة

بروج، سورة: قرآن مجيد جي 85 هين سورة، جنهن ۾ 22 آيتون آهن. هيءَ سورة مڪي ۾ اسلام جي شروعاتي دؤر سان تعلق رکي ٿي، جنهن ۾ ستارن جي برجن کي مثال بڻائي ٻڌايو ويو آهي تہ انهن جي روشني وانگر اسلام جي روشني بہ ڪفر جي اونداهيءَ کي ختم ڪندي. هن سورة ۾ ڪافرن جي ظلم جو انجام ٻڌايل آهي ۽ ايمان وارن کي تسلي ڏنل آهي تہ جيڪڏهن هو هن ظلم جي دؤر ۾ ثابت قدم رهيا تہ کين ان جو بھترين ثواب ملندو ۽ انهن ظالمن کان تعاليٰ بدلو وٺندو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو