بروهي جان محمد

بروهي، جان محمد: جان محمد ولد حاجي لال محمد بروهي 1937ع ۾ نوابشاھہ ۾ ڄائو. هو اٺ درجا پڙهيل هو ۽ پيشي جي لحاظ کان زميندار ۽ سياستدان هو. هن سياسي ڪيريئر جي شروعات 1962ع ۾ ڪئي ۽ بنيادي جمهوريت جو ڪائونسلر چونڊيو. 1970ع ۾ پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيو ۽ ايم پي اي چونڊيو. 1985ع جي غير جماعتي چونڊن ۾ ايم پي اي جي سيٽ تي بيٺو پر کٽي نہ سگهيو. 1986ع ۾ غلام مصطفيٰ جتوئي جي نيشنل پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيو. 1988ع ۾ نيشنل پارٽي ڇڏي ٻيهر پ پ ۾ شامل ٿيو ۽ پ پ جي ٽڪيٽ تي ايم پي اي چونڊيو. 1993ع ۽ 1997ع ۾ ايم پي اي چونڊيو. جنرل مشرف جي لاڳو ڪيل گريجوئيشن واري شرط سبب چونڊن ۾ حصو وٺي نہ سگهيو ۽ ڪجهہ عرصو سياست کان پاسيرو ٿي ويو. ڪجهہ عرصي بعد پنھنجي پٽ علي نواز بروهي (انجنيئر) کي سياست جي ميدان ۾ لاٿائين، جنهن 2002ع ۽ 2007ع ۾ مسلم ليگ ق جي ٽڪيٽ تي چونڊ لڙي پر ڪامياب نہ ٿي سگهيو. سندس هڪ پٽ ۽ هڪ ڀاءُ ضلعي ڪائونسل جا ميمبر رهيا .


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1937.00.00  عيسوي

جان محمد بروهي 1937ع ۾ نوابشاهه ۾ ڄائو.


1970.00.00  عيسوي

1970ع ۾ پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيو ۽ ايم پي اي چونڊيو.


1986.00.00  عيسوي

1986ع ۾ نيشنل پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيو.


1988.00.00  عيسوي

1988ع ۾ نيشنل پارٽي ڇڏي ٻيهر پ پ ۾ شامل ٿيو ۽ ايم پي اي چونڊيو.



سياستدان - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عبدالواحد آريسر
اعجاز علي خان ٽالپر
امام علي نازش ڪامريڊ
الھہ بخش سومرو شھيد
اعزاز نظير ڊاڪٽر ڪامريڊ
آچاريه ڪرپالاڻي
اختر مينگل
آفتاب شاھہ جيلاني
اياز لطيف پليجو
ارباب وزير احمد
سياستدان ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون