برياني

برياني

برياني

برياني: گوشت ۽ چانورن واري سنڌي پلاءَ جو هڪ قسم، جنهن ۾ اڌو اڌ گوشت ۽ چانور پيل هوندا آهن. گهڻي گيھہ، بصر ۽ ٽماٽن ۾ گوشت کي ڀُڃي، مصالحو وجهي رکندا آهن، پوءِ چانور ڌار اوٻاري انهن جي اندر تھن ۾ اهو ڀڳل گوشت رکي دم ڪندا آهن، ان کي برياني چئبو آهي. جيڪڏهن ڀڳل گوشت ۾ پاڻي وجهي چانورن کي ان جي اندر وجهي گڏي رڌبو تہ ان کي پلاءُ چئبو آهي. هن ۾ ڪنهن بہ قسم جي هٿرادو خوشبوءَ پيل نہ هوندي آهي. هي کائڻ ۾ نهايت لذيذ ٿئي ٿو، هن کي ”پساءُ“ بہ ڪوٺين .


لفظ بريانيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو