
برڪت علي
برڪت علي (طبلا نواز ):استاد برڪت علي 1925ع ڌاري جمال شاھہ جي پڙ حيدرآباد ۾ جنم ورتو، سندس والد جو نالو حاجي خان ڏگو آهي. شروعاتي سکيا پنھنجي وڏي چاچي استاد ڪمال خان کان ورتائين. استاد برڪت علي 12 سالن جي عمر ۾ بمبئيءَ هليو ويو، جتي استاد قادر بخش خان جي گهراڻي جي بزرگ ميان ﷲ رکي خان کان سکيا ورتائين. جڏهن گراموفون رڪارڊنگ ڪمپنيءَ جو عروج هو تہ استادبرڪت علي طبلي ۽ پکاوج تي پرفارم ڪيو ۽ جيوڻي ٻائي،
مائي بچائي عرف بچي ڀٽڻ المعروف سردار بيگم ۽ استاد خير محمد خان جي ساٿ ۾ پکاوج ۽ طبلو وڄايائين. ڪجهہ عرصو گذرڻ کانپوءِ استاد برڪت عليءَ کي سندس ڀاءُ واپس سنڌ وٺي آيو، جنهن کانپوءِ گهڻو وقت استاد خير محمد خان، مائي جيوڻي ۽ ﷲ ڏني نوناريءَ سان ساٿ سنگت ڪندو رهيو. استاد برڪت عليءَ خان، خانصاحب خير محمد خان جو سالو هو. هن جي وفات 1984ع ۾ ٿي. سندس آخري آرمگاھہ ٽنڊي يوسف جي اباڻي قبرستان ۾ آهي.