بزرگ بن شھريار

بزرگ بن شھريار: هيءُ عراقي جهازران هو، جنهن دنيا جي ٻين ڪيترن ئي ملڪن سميت هند، سنڌ، چين ۽ جپان جھڙا ملڪ گهمي ڏٺا. هيءُ جھاز راني جي پيشي سان واڳيل هئڻ سبب عراق جي بندرگاھہ کان سنڌ ۽ هند جي بندرگاهن تائين واپاري ٻيڙا آڻيندو هو. اهو ئي سبب هو جو کيس هتان جي جاگرافي ۽ معاشي حالتن سميت تمدني زندگيءَ جي ڄاڻ هئي.هي چوٿين صديءَ جي شروعات ۾ ٿي گذريو آهي. هن پنھنجي مشاهدن تي ٻڌل هڪ ڪتاب ’عجائب الهند‘ جي نالي سان لکيو. ان ڪتاب ۾ هن ٻين هنڌن ۽ واقعن جي تذڪري سان گڏ عربيءَ مان قرآن شريف جي ترجمي ٿيڻ جو احوال بہ ڄاڻايو آهي. هن بيان ڪيو آهي تہ: اتر سنڌ جي هڪ هندو راجا جي چوڻ تي منصوره جي هڪ عرب عالم قرآن شريف جو سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪيو. سندس ان بيان مان سنڌ ملڪ ۾ قديم وقت کان سيڪيولرزم واري سرشتي هئڻ جي ثابتي ملي ٿي. هن لاءِ ميمڻ عبدالمجيد سنڌي پنھنجي تحقيق ۾ لکيو آهي تہ کيس سنڌي زبان بہ ايندي هئي ۽ هن اسلام جي تعليم بابت سنڌيءَ ۾ هڪ نظم بہ لکيو. هن جو لکيل ڪتاب 1880ع ۾ لنڊن ۾ ڇپيو، جنهن جو فرانسيسي ٻوليءَ ۾ پڻ ترجمو ٿيو آهي.


لفظ بزرگ بن شھريارھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو