بزمِِ رُوح رهاڻ: علمي ادبي تنظيم، جيڪا مشھور اديب ۽ ڪھاڻيڪار حميد سنڌيءَ رٽائرمينٽ کان پوءِ 2000ع ۾ قائم ڪئي. تنظيم جي پليٽفارم تان ايڪيھين صدي عيسويءَ جَي پھرين ٻن ڏهاڪن دوران علم ادب ۽ سنڌي ٻوليءَ جِي خدمت ڪئي وئي. بزمِ روح رهاڻ جَي گڏجاڻين ۾ نون لکندڙن جِي حوصله افزائي ۽ کين سکڻ جا موقعا فراهم ڪيا ويا. اداري جو پھريون سيڪريٽري پروانو ڀٽي مقرر ٿيو. ٻيو الھداد ’جاويد‘ ميراڻي، ٽيون علي اڪبر شائق، چوٿون پروفيسر نذير ملڪاڻي ۽ پنجون صحافي ۽ ليکڪ واحد ڪانڌڙو مقرر ٿيو. 3 جنوري 2020ع تي حميد سنڌي جي وفات کان پوءِ هن بزم جي علمي ادبي ڪمن کي جاري رکندي، ماهوار ’روح رهاڻ‘ جا 27 شمارا پڌرا ڪيا ويا آهن. ان کانسواءِ ’بزمِ روح رهاڻ‘ پاران هر آچر تي قاسم آباد ۾ ادبي گڏجاڻين جو سلسلو پڻ جاري آهي.