بزم ادب نوابشاھہ

بزم ادب نوابشاھہ: 1943ع ۾ نامور شاعر پرسرام ”ضيا“ جي ڪوششن سان بزم ادب نوابشاھہ قائم ٿي. پرسرام ضيا هن بزم جو باني ۽ سيڪريٽري هو. هن بزم تحت وقت بوقت طرحي مشاعرا ٿيندا رهندا هئا. 1947ع ۾ هن بزم جي ڪوششن سان، جمعيت الشعراءِ سنڌ جي سهاري هيٺ نوابشاھہ ۾ اٺين ڪل سنڌ ادبي ڪانفرنس ڪوٺائي وئي، جنهن جي صدارت ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽي ڪئي .


لفظ بزم ادب نوابشاھہھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو