
بزم ٽالپر
بزم ٽالپر ( ڪتاب ): ” بزم ٽالپر “ ڪتاب ميرزا علي متقي بيگ جو تصنيف ڪيل آهي . هن ڪتاب ۾ مصنف سنڌ جي تاريخ تي سرسري نظر وجهڻ بعد ، ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي تعلقات کي پڻ واضح ڪيو آهي ، جنهن ۾ اهو بہ ڄاڻايل آهي تہ ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي وچ ۾ اختلافن جي شروعات ڪيئن ٿي . هن ڪتاب ۾ حيدرآباد جي سڀني ميرن ( شاعرن ) جي احوال سان گڏوگڏ ڪلام جو نمونو بہ ڏنل آهي . ان کان سواءِ مصنف ميرن جي بزم يعني ميرن جي درباري شاعرن جي احوال سان گڏ سندن ڪلام جو نمونو بہ ڏنو آهي . ڪتاب جي آخر ۾ ڇپجڻ واري سن تي هڪ قطعه تاريخ بہ آهي جيڪا صفدر حسين ميرزا ” سيفي “ جي چيل آهي . هي ڪتاب سنڌ جي تاريخ ۾ ٽالپر دور تي مستند ڪتاب آهي . هي ڪتاب 2005ع ۾ دانش پبلڪيشن طرفان شايع ٿي چڪو آهي .