بزن جهڏو: قبل از تاريخ جو ھي ماڳ، لڪي ريلوي ڦاٽڪ کان چار ڪلو ميٽر ڳوٺ علي آباد لڳ اولھہ ۾ چار ڪلو ميٽر جي پنڌ تي لڪي جبلن جي ڪڇ ۾ موجود آھي .
غار جبل جي اڀي لاھي تي پاڙ ۽ چوٽيءَ جي وچ تي آھي. منھن وٽ کوٽائي ڪري ڪجهہ خلاصي جاءِ ٺاھي وئي آھي. ھي ٽي غارون آھن: پھرين غار ۾ پٺيءَ ڀر رڙھي وڃبو، اھا غار اوچائيءَ ۾ ٻارنھن فوٽ ڊيگهہ ويھہ فوٽ، اڳتي گولائيءَ ۾ دروازو، ان جي کاٻي ھٿ تي ننڍو سوراخ ۽ اندر ڪمرو، جنھن جي ماپ ڏھہ فوٽ آھي. ٽين غار ويڪر ۾ چار فوٽ، اوچائي ۾ پنج فوٽ، ائين چوٿين غار بہ آھي. انھن غارن جي ڇت ابتي پيالي وانگر آھي. ھي غارون ھٿ جون ٺھيل آھن. جيڪي اوائلي انسان پنھنجي بچاءَ ۽ آسائش لاءِ ٺاھيون آھن. چوٿين غار ٻين کان وڏي بہ ٿي سگهي ٿي، پر بيحد اوندھہ ۽ گهٽ اوچائي سبب اتي بيھي نٿو سگهجي. گهڙاوت جي لحاظ کان ھي غار بہ اروڙ ۽ شادي شھيد جهڙيون آھن .