بَزگَر: هڪ ذات جو نالو. ’بزگر‘ ذات جا ماڻهو عام طرح چمڙي جي مڙهت جو ڪم ڪندا آهن، يعني چمڙي جو سامان ٺاهيندا آهن. هاڻي بزگر دُهلن ۽ نغارن تي چمڙو چاڙهڻ جو ڪم ڪندا آهن. حيدرآباد شهر ۾ بزگرن جو پاڙو موجود آهي .
بلوچي ٻوليءَ ۾، روزاني اجرت تي ٻني ٻاري ۾ مزدوري ڪندڙ (جنهن کي فصل لهڻ تي معاوضي طور مقرر رقم ادا ڪجي) کي به بزگر چوندا آهن .