بِسمل: ”بسمل“ لفظ جي معنيٰ آهي ڪُٺل يا حلال ٿيل. مشھور شاعر حافظ عبدالله ٽکڙائيءَ ۽ مشھور اديب سراج الحق جي شروعاتي دور جو تخلص ”بسمل“ هو. دراصل هيءُ لفظ ’بسم ﷲ الرحمٰن رحيم‘ جو مخفف آهي. هر ڪم جي شروعات ”بسم ﷲ“ سان ڪرڻ سنت آهي، انهيءَ ڪري ڪنهن حلال جانور کي ڪھڻ وقت بہ ”بسم ا ، ا اڪبر“ چئبو آهي، جنهن مان اصطلاحي معنيٰ وٺجي تہ ڪُهڻ، ڪُهي ڇڏڻ يا حلال ڪرڻ. انهيءَ ڪري شاعرن، محبوب جي هٿان عاشق جي ڪسجڻ کي بہ ”حلال ٿيڻ“ جي مفهوم ۾ ” بسم ﷲ الرحمٰن رحيم “ جو مخفف ”بسمل“ ٺاهي، ان مان خيال ئي خيال ۾ عاشق جي ڪسجڻ، ”قتل ٿيڻ“ جو مفهوم ورتو آهي .