بِسمِ اللهِ: بسم ﷲ الرحمٰن رحيم (شروع ڪريان ٿو ﷲ جي نالي سان، جيڪو نهايت ٻاجهارو ۽ رحم وارو آهي). قرآن شريف جي هر سورة اڳيان ايندڙ ڪلمو. مسلمانن جي عقيدي موجب هرهڪ چڱي ڪم جي شروعات بسم ﷲ الرحمٰن رحيم سان ڪجي. خاص ڪري ماني کائڻ کان اڳ. سنڌ ۾ ننڍڙي ٻار جي ٿاٻڙجڻ يا ڌڪو کائڻ تي مائرون ”بسم ﷲ“ چئي ڏانهس وڌنديون آهن. ان کان سواءِ ڪلام پاڪ جي هر سورة جي شروعات بہ ”بسم ﷲ“ جي لفظن سان ٿيندي آهي، سواءِ سورة توبہ جي .