بسنت ڪمار تياڳي: شاعر ۽ اديب بنست ڪُمار ’تياڳيءَ‘ 27 مارچ 1940ع تي، تعلقي موري (ضلعي نوشھري فيروز) جي ڳوٺ ’سونهان‘ ۾ جنم ورتو. ورهاڱي کان پوءِ، ستن سالن جي عمر ۾، ورهاڱي کان پوءِ ڀوپال ۾ وڃي آباد ٿيو. هن جو وڌيڪ احوال نہ ٿو ملي، سندس ڪيترا ئي ليک مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيل آهن. پر سندس شاعريءَ جو هڪ ڪتاب ’بوندون ٿيون برسن‘ (1972ع)، شايع ٿيل آهي. بسنت ڪمار ’تياڳي‘ سنڌين جي هڪ ڪالوني بئرا ڳڙھہ، ڀوپال ۾ رهائش پذير آهي.