بشر بن دائود المهلبي

بشر بن دائود المهلبي: عباسيه دور ۾ سنڌ جي گورنر دائود مهلبيءَ جي (820ع ڌاري) وفات کانپوءِ مامون عباسيءَ سندس پٽ بشر بن دائود کي گورنر مقرر ڪيو، جنهن پنجن سالن تائين حڪومت ڪئي ۽ مڪران جي حڪومت پنھنجي ڀاءُ جي حوالي ڪئي. بشر سڄي عرصي ۾ سرڪاري خزاني ۾ پئسا جمع نہ ڪرايا، ان تي مامون عباسيءَ کي ڪجهہ ماڻهن اهڙا اطلاع ڏنا تہ بشر بغاوت ڪئي آهي ۽ جنگ ڪرڻ لاءِ تيار آهي. ان تي خليفي پهرين حاجن بن صالح کي سنڌ موڪليو، ان جي ناڪام ٿيڻ کان پوءِ غشان بن عباد کي سنڌ موڪليو ويو، جنهن منصوره پهچي، هن کي گورنريءَ تان معزول ڪري حڪومتي انتظام پنھنجي هٿ ۾ ورتو. محقق ڊاڪٽر ممتاز حسين پٺاڻ ڪتاب ’تاريخ سنڌ‘ عرب دور ٽئين جلد ۾ لکيو آهي تہ بشر گورنريءَ تان هٽڻ کان انڪار ڪيو ۽ جنگ لاءِ تياري ڪرڻ لڳو. پر غشان بن عباد جي فوج هٿان شڪست کائي گرفتار ٿيو. غشان بن عباد ڪجهہ عرصو سنڌ ۾ رهڻ کانپوءِ موسيٰ بن يحيٰ کي گورنر مقرر ڪيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو