بشير احمد انصاري: بشير احمد انصاريءَ جو جنم 1941ع ڌاري ٿيو. ھن يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي لاھور مان گريجوئيشن ڪئي ۽ پوءِ ايم. اِي. ٽي يونيورسٽي انقره، ترڪيءَ مان ماسٽرس ڪئي. بشير احمد انصاريءَ سنڌ جي کاڻين واري کاتي ۾ نوڪري شروع ڪئي ۽ 1970 واري ڏھاڪي ۾ ھُو انھيءَ کاتي ۾ چيف انسپيڪٽر آف مائينز جي عھدي تي فائز رھيو. ھن سنڌ جي جهنگ جبلن ۽ برن پٽن جي سروي ڪئي ۽ کيرٿر جبل جي سموري رينج ۾ پاڻيءَ جا پنجيتاليھه قدرتي جهرڻا ڳولي لڌا، جيڪي ٻارھوئي وھندا رھن ٿا. ھن قدرتي چشمن جي پاڻيءَ تي بہ تحقيق ڪئي ۽ سندس چوڻ موجب اھو بھترين منرل واٽر آھي، جنھن کي تجارتي طور بہ استعمال ڪري سگهجي ٿو. اڳتي ھلي 1990ع واري ڏھاڪي ۾ بشير احمد انصاري کي سيوھڻ ڊيولپمينٽ اٿارٽيءَ جو ڊائريڪٽر جنرل مقرر ٿيو. ان وقت گورک ھِل اسٽيشن وارو علائقو انھيءَ اداري جي حدن ۾ ھو. ھُن پنھنجي ذاتي ڪوششن سان گورک تي ڪم شروع ڪيو، جڏھن تہ سنڌ ايرڊ زون ڊيولپمينٽ اٿارٽي ٻن وزيراعظمن محمد خان جوڻيجي ۽ بينظير ڀٽو جي دور ۾ ڪروڙين رُپيا ملڻ باوجود ڪا بہ رٿا شروع ڪرڻ ۾ ناڪام رھي ھئي. بشير احمد انصاريءَ پنھنجي ڪوششن سان ھڪ سوزوڪي جيپ کولرائي، اُٺن تي کڻائي مٿي گورک واري چوٽيءَ تي پھچرائي ۽ وري ان کي ٺھرائڻ سان گڏ پٿرن ۽ گچ پلستر سان ٻہ ڪمرا، ورانڊو ۽ اسٽور روم ٺھرائي پلاسٽڪ جون ڪرسيون ۽ کاڌ خوراڪ جو سامان مھيا ڪيو. 1995ع ڌاري ھن گورک ھِل اسٽيشن کي متعارف ڪرائڻ لاءِ ڪجهه صحافين کي اُتان جو دورو بہ ڪرايو ۽ ڪراچيءَ کان ھڪ ٻيو قافلو بہ وٺي ويو. سندس ڪوششن سان ٽن ملڪن جي ڪمپنين جي ھڪ ڪنسورشيم گورک تي ايڪيھين صديءَ جو جديد سياحتي شھر اڏي ڏيڻ جي حامي ڀري، پر سرڪاري سطح تي موٽ نہ ملڻ سبب هي ڪم پورو نہ ٿي سگهيو.
بشير احمد انصاريءَ کي سنڌ ڪول اٿارٽيءَ جو ڊائريڪٽر جنرل مقرر ڪيو ويو تہ ھن ڪوئلي جي ذخيرن تي ڪم شروع ڪيو، جنھن تي ھو پنھنجي شروعاتي دور ۾ بہ ڪم ڪري چُڪو ھو. سنڌ جي کاڻين واري کاتي ۾ نوڪريءَ دوران، ھن ڄام شوري جي پريان لاکڙا واري علائقي ۾ ڪوئلي جا ذخيرا ڳولي لڌا ھئا، جنھنڪري کيس اڄ لاکڙا ڪوئلي کاڻين جو باني سمجهيو وڃي ٿو. لاکڙا ۾ سندس ڳولي لڌل ڪوئلي تي ئي پاور پلانٽ ھلي ٿو.
ھن ٿر ۾ بہ ڪوئلي جي کوجنا ڪئي ۽ 1992ع ڌاري پنھنجي خرچ تي اُتي چار انچ قطر جي ڊرلنگ ڪرائي. ان حساب سان ٿر ڪوئلي جا ذخيرا دريافت ڪرڻ وارو بہ اھو ئي سنڌ ڄائو آھي. ھن اِتي ئي بس نہ ڪئي. 2002ع ۾ پنھنجي بيچين روح جي تسڪين خاطر ورٽيڪل شافٽ مائيننگ Vertical Shaft Mining ٽيڪنالاجي استعمال ڪندي پنھنجي ٽيم سان گڏ ٻہ سال لاڳيتو ڪم ڪيو ۽ 121 مِيٽر اونھائيءَ تائين 8 فوٽ قطر وارو کوھه کوٽرائي ڪوئلي تائين پھچڻ جي ڪوشش ڪئي. انھيءَ اونھائيءَ تي پھچڻ سان وڏي زور سان پاڻي نڪرڻ لڳو ھو. ان وقت بہ ھن ڪجهه صحافين کي اُتان جو دورو ڪرايو ھو. ‘سنڌ اينگرو ڪول مائيننگ ڪمپنيءَ’ پاران بشير انصاريءَ جي کوٽايل کُوھه کي محفوظ رکڻ سان گڏ سندس ياد ۾ ‘بشير انصاري ھيريٽيج پارڪ’ بہ قائم ڪيو آهي. بشير احمد انصاريءَ قدرتي وسيلن سان توانائي حاصل ڪرڻ جي حوالي سان سٺ کان وڌيڪ ملڪن جا دورا بہ ڪيا ۽ 55 ريسرچ پيپر بہ لکيا. هن 1990ع واري ڏھاڪي جي وچ ڌاري روزاني ‘اَلک’ ڪراچيءَ مان ھڪ سنڌي اخبار بہ جاري ڪئي، جيڪا ڪجهه وقت ھلڻ کانپوءِ بند ٿي وئي.
بشير احمد انصاريءَ، 27 اپريل 2004ع تي دل جو دورو پوڻ سبب وفات ڪئي.