ڊاڪٽر بشير احمد شاد

ڊاڪٽر بشير احمد شاد

بشير احمد شاد ڊاڪٽر

بشير احمد ’شاد‘، ڊاڪٽر: ناميارو شاعر ۽ نثرنگار، ڊاڪٽر بشير احمد ’شاد‘، پهرين اپريل 1942ع تي، شڪارپور ۾ ڄائو. شروعاتي، ثانوي ۽ اعليٰ ثانوي تعليم شڪارپور مان حاصل ڪيائين. بعد ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان، سنڌيءَ ۾ ايم. اي ڪرڻ کان پوءِ، 1970ع ڌاري بي. ايڊ جو امتحان پاس ڪيائين، جڏهن تہ پنھنجي علمي لياقت وڌائڻ لاءِ، 1989ع ۾، سنڌ يونيورسٽيءَ مان پي. ايڇ. ڊي ڪيائين. سندس مقالي جو عنوان ”مولانا ثناءُ ثنائيءَ جي شاعريءَ جو تنقيدي جائزو“ هو. ڊاڪٽر بشير احمد شاد، پنھنجي ملازمت جي ابتدا، گورنمينٽ ڪاليج سانگهڙ ۾، ليڪچرر جي حيثيت سان ڪئي. بعد ۾ سندس بدلي، ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ ٿي، جتي هو ائسوسيئيٽ پروفيسر رهيو ۽ 2002ع ۾ رٽائر ڪيائين. ڊاڪٽر صاحب لکڻ جي شروعات 1958ع ۾ اسڪول واري زماني کان ڪئي. هن وقت تائين، سندس سوين ادبي مقالا ۽ لاتعداد شعر مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپجي چُڪا آهن، جڏهن تہ سندس 13 ڪتاب ڇپجي چُڪا آهن، جن مان هيٺيان قابل ذڪر آهن: ’امام شامل‘ (تاريخ) 1976ع، ’اوجاڳو اکڙين‘ (شاعري) 1986ع، ’پيهي منجهہ پاتال‘ (لطيفيات) 1992ع، ’لاڙڪاڻو صدين کان‘ (ترتيب) 1995ع، ’ڀلارو ڀٽ ڌڻي‘ (1999ع)، ’اسلامي تاريخ جون نامور عورتون‘ (ترجمو) 1995ع، ’ڀٽ جو گهوٽ‘ (ترتيب) 1997ع، ’شاھہ لطيف هر دور جو شاعر‘ (2008). سندس ادبي ۽ علمي خدمتن جي مڃتا طور کيس 1980ع ۾ شاھہ لطيف اوارڊ، 1986ع ۾ شاھہ لطيف اوارڊ (پبلڪ اسڪول سکر)، 1989ع ۾ شاھہ لطيف اوارڊ (ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻو)، 1997ع ۾ بيسٽ اسپيڪر اوارڊ (ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻو)، 1999ع ۾ مولانا عبدالواحد سنڌي اوارڊ (نئين زندگي پبليڪيشن)، فيض بخشاپوري اوارڊ (فيض اڪيڊمي جيڪب آباد) ۽ 2000- 1999ع ۾ ميان شاهل محمد ڪلهوڙو اوارڊ (عباسي ڪلهوڙا تنظيم) ملي چُڪا آهن. ڪجهہ وقت پاڻ سچل ادبي مرڪز لاڙڪاڻي جو صدر ۽ ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي لاڙڪاڻي جو نائب صدر ۽ فنانس سيڪريٽري پڻ رهيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1942.04.01  عيسوي

ڊاڪٽر بشير احمد شاد پهرين اپريل 1942ع تي شڪارپور ۾ ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عبدالغفار صديقي
توتان
دودو مهيري
ابڙو الياس پروفيسر
سيد شفيق حيدر موسوي
راجن راهيجا
آغا ابراهيم شاھہ
عبدالسلام ٿھيم
فاطمہ حسن، ڊاڪٽر
روچيرام گجو مل
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون