بشير احمد قريشي

بشير احمد قريشي: سنڌ جي برک تعليمي ماهر، قانوندان ۽ ليکڪ پروفيسر بشير احمد قريشي 10 جولائي 1932ع تي حيدرآباد شھر ۾ جنم ورتو. پروفيسر بشير احمد پنھنجي ابتدائي تعليم حيدرآباد مان مئٽرڪ، نور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد مان انٽر، بي. اي، ايم. اي (اسلامڪ ڪلچر- رليجن - مسلم هسٽري) سنڌ يونيورسٽي مان ڪيائين. پروفيسر بشير احمد شروع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول نمبر ون حيدرآباد ۾ استاد مقرر ٿيو. جلد ايل. ايل. بي جو امتحان پاس ڪرڻ کانپوءِ وڪالت جي پرئڪٽس شروع ڪئي ۽ بعد ۾ وڪيل طور ڪم ڪرڻ لڳو، جولاءِ 1992ع کان ٻيهر واپس تعليم کاتي ڏانهن منسلڪ ٿيو ۽ بطور ليڪچرار مسلم سائنس ڪاليج، ان کانپوءِ هالا ڪاليج ۾ ڪجهہ عرصو ۽ پوءِ سچل سرمست آرٽس ڪاليج ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو. بشير احمد قريشي سچل ڪاليج ۾ پروفيسر جي عهدي تي ڪم ڪيو ۽ ان وچ ۾ پاڻ (O.S.D) آفيسر آف اسـپـيشل ڊيوٽي ڪاليج ڊائريڪٽورٽ ۾ ڪم ڪيائين. بشير احمد قريشي مختلف ڪتاب لکيا. جيڪي مختلف موضوعن تي آهن، جن ۾: تاريخ، اسلاميات، سنڌي، سياسيات، سيرت، سائنس، جاگرافي ۽ اصول فقہ شامل آهن، جڏهن تہ سندس لکيل ڪتابن ۾ انگريزي ڪتابن جا ترجما پڻ شامل آهن. پروفيسر بشير احمد جا ڪتاب مختلف ڪلاسن ۾ پڙهايا ويندا آهن ۽ هن ضلعي تعليم جون تاريخون، دنيا جي جاگرافي کان علاوہ سماجي اڀياس، سنڌي گرامر ، مضمون نويسي جا ڪتاب پڻ تحرير ڪيا. پروفيسر بشير احمد جا مضمون مختلف ڪاليجن جي مخرنن ۾ بہ ڇپيل آهن. هن 5 فيبروري 2001ع تي وفات ڪئي.


لفظ بشير احمد قريشيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1932.07.10  عيسوي

بشير احمد قريشي 10 جولائي 1932ع تي حيدرآباد شهر ۾ جنم ورتو


2001.02.05  عيسوي

بشير احمد قريشي 5 فيبروري 2001ع تي وفات ڪئي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پوراني ميرڪ سيد محمد عبدالله
فھميدہ مرزا
چانڊيو منير احمد
اديب انقلابي
بشير احمد هيسباڻي
سرتيز عمادالملڪ
عبدالحق عالماڻي
چانڊيو سٻڙ خان
تقي عليہ السلام امام
سنت شري مامئي ڏيو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون