بشير احمد هيسباڻي

بشير احمد هيسباڻي

بشير احمد هيسباڻي

بشير احمد هيسباڻي: ناميارو ليکڪ بشير احمد ولد خان هيسباڻي'>احمد خان هيسباڻي، 6 نومبر 1953ع تي ڳوٺ مولوي نور هيسباڻي، تعلقي ڪنڊياري ضلعي نوشھري فيروز ۾ پيدا ٿيو. ميٽرڪ 1969ع ۾ ٺارو شاھہ مان ڪئي، 1979ع ۾ سنڌي ادب ۾ ايم. اي ڪئي، هن جا ڪيترا ادبي ۽ تحقيقي مقالا ۽ مضمون مختلف رسالن ۾ شايع ٿيل آهن. پيشي جي لحاظ کان بئنڪاري صنعت سان لاڳاپيل رهيو آهي. نوابشاھہ ۽ نوشھري فيروز ۾ حبيب بئنڪ جي قائم ٿيل شاخن ۾ مئنيجر رهڻ کانپوءِ 2007ع ۾ HBL حيدرآباد جي ريجنل هيڊڪوارٽر ۾ اسسٽنٽ جنرل مئنيجر (ايگريڪلچرل فنانسز) مقرر ٿيو، جتان 2013ع ۾ رٽائرڊ ٿيو. ”ساهتي لائبرري“ جي نالي سان مھراڻ ڪالوني نوابشاھہ ۾ پنھنجي گهر ۾ هڪ وڏي لائبريري قائم ڪئي اٿس، جيڪا ادبي حلقن ۾ تحقيقي حوالي سان تمام گهڻي مشھور آهي. اهڙيءَ طرح هن 1998ع ۾ سنڌ جي مشھور محقق ۽ تاريخدان قريشي حامد علي خانائيءَ جي سرپرستيءَ ۾ نوابشاھہ ۾ ”ساهتي ادبي اڪيڊمي“ نالي هڪ اشاعتي ادارو قائم ڪيو، جنھن تحت ڊزن کن ڪتاب ڇپائي پڌرا ڪيا. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: (1) ”الحاج رحيم بخش قمر“ (شخصيت ۽ فن: ترتيب: 2006ع)، (2) ”مقالات خانائي“ (ترتيب: 2006ع)، (3) ”ساهتي پرڳڻي جو وهائو تارو“ (ترتيب: 2011ع)، (4) ”تاريخ نصرپور“ (ترتيب: 2014ع)، (5) ”سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي جون علمي ادبي خدمتون“ (ترتيب: 2016ع) شامل آهن. ان کان علاوہ مارئي اڪيڊمي سڪرنڊ/حيدرآباد پاران 2016ع کان نڪرندڙ علمي ادبي ۽ تحقيقي رسالي ”تخيل“ جو ايڊيٽر آهي. پاڻ هن وقت نوابشاھہ ۾ رهائش پذير آهي.


لفظ بشير احمد هيسباڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1953.11.06  عيسوي

بشير احمد 6 نومبر 1953ع تي ڳوٺ مولوي نور الله هيسباڻي ، تعلقي ڪنڊياري ضلعي نوشهري فيروز ۾ پيدا ٿيو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

چانهيو محمد هاشم
سُورج مل اُڌيپوري
علي خان بھادر مير
پليجو مخدوم يعقوب
علياڻي محمد ڄام
خليفو حاجي عبدالله
سيد شبير احمد شاھہ
ديوان واڌومل اُڌارام
جاڙيجو جمعو درويش
آسيو سوڍو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون