بصر
بصر: بصر سڄي دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪَ پوکجندڙ ۽ استعمال ٿيندڙ ڀاڄي آهي. سڄي دنيا جا ماڻهو هن کي پنھنجي خوراڪ ۾ شامل رکندا آهن. هي گھريلو ڀت توڙي فاسٽ فوڊ کاڌن کي ذائقي دار ۽ خوشبو دار ڪندي آهي، هن کي سلاد طور به استعمال ڪيو ويندو آهي. بصر کي اردوءَ ۾ پياز ۽ انگريزي ۾’Onion‘ چيو ويندو آهي، جڏهن ته نباتاتي نالو ’Allium Cepa‘ آهي ۽ هن جو تعلق ’Liliaceae‘ خاندان سان آهي. بصر ۾ معدني جزا مثال طور ڪيلشيم، آئرن سان گڏ پروٽين ۽ وٽامن به موجود هوندا آهن طبي لحاظ سان به ان کي غير معمولي اهميت حاصل آهي هن جي استعمال سان رت ۾ چرٻي وارو مادو (بلڊ ڪوليسٽرول) نٿو ڄمي ۽ انسان بلڊ پريشر ۽ دل جي بيمارين کان محفوظ رهي ٿو. بصر، رت جي شريانن ۾ گڏ ٿيندڙ چرٻيءَ (ڪوليسٽرول) کي ڳاري ٿو. دل جي موتمار بيمارين کان بچائي ٿو. بصر جو استعمال اونهاري لُڪَ کان بچائي ٿو. کاڌي جي فائدن کان علاوه طبي فائدن جي لحاظ کان پڻ اهميت رکي ٿو، جھڙوڪ: زهريلن اثرن ۽ وبائي بيمارين کان محفوظ رکندو آهي. عام گھريلو ٽوٽڪو آهي ته ڪنڊي واري جاءِ تي بصر گرم ڪري رکڻ سان ڪنڊي کي ظاهر ڪري وجھندو آهي ۽ پوءِ ڪنڊي ڪڍڻ ۾ سولائي ٿيندي آهي. ڪچي بصر کارائڻ سان پيٽ مان الٽيءَ وسيلي زهريات نڪرندي آهي. ٿر ۾ بلائن جي چڪ کان بچڻ لاءِ ڪچو بصر کائي سمهندا آهن ۽ سمهڻ واري جاءِ مثال کٽ وغيره جي چؤڌاري بصر ٻڌندا آهن. ائين بلائون ويجهو نه اينديون آهن. ڊاڪٽرن تحقيق ذريعي بصر ۾ جراثيمن کي مارڻ ۽ فائديمند بئڪٽيريا جي صلاحيت وڌائڻ جي تصديق ڪئي آهي. ڏندن جي بيمارين ۾ به ڪافي مفيد آهي. بصر جو ننڍو ٽڪڙو متاثر ٿيل ڏند تي رکڻ سان فوري آرام ملندو آهي. بصر ۾ موجود آئرن (فولاد) جا جزا يڪدم رت ۾ جذب ٿي ويندا آهن، جنھن ڪري اهو رت جي کوٽ (ائنيميا) دل جي بيمارين ۾ هڪ سٺو علاج آهي، بصر ۾ موجود نباتاتي تيل، ايلي پروپائل، ڊائي سلفيٽ، ڪيٽيڪول، پروٽو ڪيٽڪنگ ائسڊ، ايلڊي هائڊ، ٿايو سايانيٽ ڪئلشيم، آئرن، فاسفورس ۽ وٽئمنز دل جي لاءِ نھايت مفيد آهن. بصرُ، چھري ۾ رت جي گردش کي فعال بڻائيندو آهي. بصر کي گرم ڪري يا ڳوڙهيون ٺاهي، ڦٽ ڦرڙين تي لڳائڻ سان شفا ملندي آهي.ان جي گرم تاثير سان ڳوڙها جلدي ڦاٽي پوندا آهن. بصر کي زخمن تي به لڳايو ويندو آهي. ڪپھه جو ٽڪرو بصر جي پاڻيءَ ۾ پسائي، ڪن ۾ رکڻ تمام پراڻو علاج آهي، ان سان ”ڪن وڄڻ جي بيماري“ (Tinnitus) ختم ٿي ويندي آهي، بصر جو پاڻي هلڪو گرم ڪري، ڪن ۾ وجھڻ سان سور پڻ ختم ٿيندو آهي. بصر دستن جي مرض جو علاج آهي. هي اُڃ ۽ بي چيني ختم ڪندو آهي ۽ مريض پاڻ کي پرسڪون محسوس ڪندو آهي. هي الٽين ۽ دم جي بيماريءَ ۾ به استعمال ڪيو ويندو آهي. بصر پيشاب جي نظام ۾ پيدا ٿيندڙ بي قاعدگين ۽ تڪليفن کي ختم ڪندو آهي. خوني بواسير ۾ بصر مفيد غذا آهي. بصر کي ڪيترن ئي طريقن سان استعمال ڪيو ويندو آهي.ڪچو بصر، سائو ۽ پڪل، يعني کاڌن ۾ استعمال ٿيڻ سان گڏوگڏ خشڪ بصر ڪچو به کاڌو ويندو آهي. ان کي چٽڻين ۾ به شامل ڪيو ويندو آهي. ٻھراڙين اندر بصر ڀڃي مانيءَ سان گڏ کاڌو ويندو آهي، بصر جي کپت سڄي دنيا ۾ جهجهي مقدار ۾ ٿئي ٿي. بصرن جي فصل لاءِ چيڪي لٽاسي ۽ وچولي لٽاسي زمين، جنھن ۾ پاڻيءَ جي نيڪال واري خاصيت موجود هجي، مناسب ٿئي ٿي. هي فصل ڪلر کي پڻ برداشت ڪرڻ جي طاقت رکي ٿو. سنڌ ۾ بصرن جون عام جنسون: ڦلڪارا، ٿاڻوبولاخان، نصرپور ۽ ديسي پوکيون وڃن ٿيون. ڦلڪارن ۽ ٿاڻي بولاخان وارين جنسن جون ڳنڍيون وڏيون ٿين ٿيون، جڏهن ته ديسي جنس جون ڳنڍيون ننڍيون ٿين ٿيون. بصر جا ٽي قسم آهن:ڳاڙهو، پيلو ۽ اڇو. هن فصل کي ٻه مکيه بيماريون لڳنديون آهن: هڪ ”رتي“ ۽ ٻيو ”پنن جو ساڙ“ رتيءَ جي بيماري لڳڻ سان بصر جي پنن تي ڀورا ۽ ڪارا داغ نمودار ٿين ٿا ۽ ٻوٽي جي واڌ رُڪجي ويندي آهي. ساڳيءَ طرح پنن جي ساڙ واري مرض ۾ به هن فصل کي گهڻو نقصان پھچي ٿو. بصر جي پوک جا جدا جدا طريقا آهن.جيئن ته ٻجن مان ٻيجو، جيڪو مُڙهين جي صورت ۾، يا بصر جي ننڍين پتين جي صورت ۾ پوکيو وڃي ٿو، بلڪ کِرين ۾، ٻَننِ تي وئراج ڪجي ٿو، يا رونبو ڪيو وڃي ٿو.بصرن جي فصل جو اصل وطن وچ ايشيا، اتر- اولھه هندستان، افغانستان، روس، تاجڪستان ۽ ازبڪستان وارا علائقا آهن، جتان هي فصل دنيا جي ٻين ملڪن ڏانھن پکڙيو. پاڪستان ۾ بلوچستان، پنجاب، خيبرپختونخواهه ۽ سنڌ سميت سڀني صوبن ۾ بصر پوکيو وڃي ٿو. سنڌ ۾ بصرن جي پوک وڏي پئماني تي ڪئي وڃي ٿي.هن فصل جو شمار نفعي بخش ناڻي وارن فصلن ۾ ٿئي ٿو. سنڌ ۾ بصر جي سراسري پيداوار 5.3 ٽن في ايڪڙ آهي. بصرن جي فصل کي سرد ۽ وچولي قسم جي آبھوا جي ضرورت پوي ٿي.سنڌ ۾ بصرن جي آڳاٽي پوک جولاءِ کان شروع ٿئي ٿي ۽ پاڇاٽي پوک جنوري مھيني تائين ڪئي وڃي ٿي. بصر جي گل واري ڏانڊيءَ کي ’ڀوُڪ‘ چئبو آهي. هلڪي قسم جي بصر جي ڳنڍ جي وچ وارو حصو، جيڪو ڄڻ ته بصر جي ڏانڊيءَ جو حصو هجي، انھيءَ نسبت سان ڪنھن بيوقوف، نڪمي يا بيڪار ماڻھوءَ جي لاءِ چوندا آهن ”ڀوڪ بصر“ يا ”ڀوڪ بصر جو.“