نقشو

نقشو

شهر جو ڏيک

شهر جو ڏيک

بصره

بصره/ بصرو: عراق جو مشھور ۽ وڏو شهر، جيڪو ”شط العرب“ تي بندرگاھہ آهي. هيءُ شھر حضرت عمر رضہ سال 636ع ۾ آباد ڪيو هو. عباسي خليفي جي دور ۾ هن شھر کي زوال آيو. بغداد سان ريل ذريعي ڳنڍجڻ کان پوءِ ٻيو ڀيرو اهميت وارو شھر بنجي پيو. هتي 1968ع ۾ تيل صاف ڪرڻ جو تمام وڏو ڪارخانو تعمير ڪيو ويو، جتان تيل ٻاهر موڪليو ويندو آهي. هيءُ شھر عراق جي ڏاکڻي دوآبي ۾ مشھور کاري سمنڊ (شط العرب) جي ڪناري تي آباد آهي، جيڪو بغداد جي ڏکڻ- اوڀر ۾ 420 ڪلوميٽرن (279 ميل) جي مفاصلي تي آهي. هن شهر، مختلف هنڌن تي جايون مٽايون آهن. جيئن تہ تاتارين جي فتح 656 ھہ/1258ع تائين قديم شھر دريديتس يا تردون (فرات نديءَ جي هڪ شاخ) جي الهندي ڪناري جي ويجهو آباد هو. شروع ۾ بصري جي نئين اسلامي بستي، وَحشت آباد، ’ارد شير‘ نالي ايراني بستيءَ جي آثارن تي وجود ۾ آئي. 14ھہ/ 635ع ۾ حضرت رسول ڪريم صلي عليہ وسلم جن جي اصحابي عتبہ رضہ بن غزوان اُن قديم ايراني چونڪيءَ جي ڦٽل آثارن تي ڊاٻو ڪيو. وري اميرالمؤمنين حضرت عمر رضہ جي حڪم سان هن هنڌ کي فوجي ڇانوڻيءَ جي مقصد سان چونڊيو ويو. چون ٿا تہ ’بصره‘ لفظ جي معنيٰ آهي ”ڪاريون پٿريون“، جن تان شھر تي اهو نالو پئجي ويو. اهو هنڌ ’شط العرب‘ کان 15 ڪلوميٽرن جي پنڌ تي آهي. هتي فوجي ڇانوڻيءَ جو مقصد اهو هو تہ ايراني نار ۽ ايران جي رستن جي نگراني ٿي سگهي. اهڙيءَ طرح هتي آباديءَ جو سلسلو شروع ٿيو. اول جهوپڙا، پوءِ سرن جا گهر، بعد ۾ اڌ پڪين اڏاوتن شھر جي صورت ورتي. هڪ نئين مسجد، دارالامارة، شھر پناه ۽ چوڌاري خندق. اهو سڀ ڪجهہ 155 ھہ/ 772ع تائين مڪمل ٿيو. شروع کان ئي بصرو فاتح عرب فوجن لاءِ ڀرتيءَ جو مرڪز رهيو. هنن جنگ نهاوند (21 ھہ/ 642ع) اصطخر، فارس، خراسان ۽ سجستان جي فتوحات (29 ھہ/ 449ع) ۾ حصور ورتو. ان مرحلي تي هيءُ فوجي مرڪز پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيو هو، ليڪن جڏهن مال غنيمت جي گهڻائي ٿيڻ لڳي، تڏهن بصري وارن کي پنھنجي اهميت جو احساس ٿيڻ لڳو. ساڳئي وقت، واقعن جي رفتار ۾ تيزي آئي ۽ هن ئي شھر ۾ جنگ جَمَل جو واقعو پيش آيو، جنهن ۾ پهريون ڀيرو مسلمان پنهنجن مسلمان ڀائرن سان (36 ھہ/ 656ع) جنگ ۾ سامهون ٿيا. ٻئي سال 37 ھہ/ 657ع ۾ بصري وارن صفين جي جنگ ۾ حضرت علي عه جي حمايت ڪئي. عين انهيءَ وقت اولين ”خارجين“ جو ڪافي تعداد ملي ويو. 41 ھہ/ 662ع ۾ امير معاويي بصري ۾ ٻيو ڀيرو اموي اقتدار بحال ڪيو ۽ 45 ھہ/ 665ع ۾ عبدالله بن زياد کي اتي موڪلي ڇڏيو. ان وقت بصرو پنجن قبائلي حلقن ۾ ورهايل هو. اول اهل العاليہ (حجاز جي مٿئين علائقي جا باشندا)، ٻيو بنو تميم، ٽيون بنوبڪر بن وائل، چوٿون عبدالقيس ۽ پنجون بنو ازد. بصري جي فوجي سردارن جو طبقو انهن قبيلن تي مشتمل هو. اصل رهاڪو تعداد ۾ تمام ٿورا هئا. جيڪي ٻاهران آيل گروھہ (ايراني، هندي، سنڌي، ملائي ۽ زنگي وغيرہ) شامل هئا، اهي پنهنجن آقائن جي جهڳڙن ۾ ڌر بنيا. عبدالله بن زياد جي دور ۾ مڪاني حالت وڌيڪ خراب ٿي. تان جو سندس وفات 64 ھہ/ 683ع) تي شديد فساد ٿيا. البت حجاج جي موت (95 ھہ/ 714ع) تائين امن امان رهيو. ان کان پوءِ بهلبين جي بغاوت (102ھہ/ 720ع) وڌيڪ خرابي پيدا ڪئي. انهيءَ دور ۾ بصري جي حيثيت فقط هڪڙي ننڍي شھر جي وڃي رهي. ان کان پوءِ بہ ٿوريون گهڻيون بغاوتون هلنديون رهيون. آخري بغاوت ”قرمطين“ جي هئي، جن 311ھہ/ 923ع ۾ بصري کي بلڪل تباھہ ۽ تاراج ڪري ڇڏيو. ان کان پوءِ هيءُ شھر بَنُو مُزيد جي هٿ ۾ آيو، جنهن ۾ هن شھر جي خوشحاليءَ جو نئون دور آيو. انهيءَ دوران 517ھہ/ 1123ع ۾ هن شھر جي قديم ”شھر پناھہ“ کان ٻہ ڪلوميٽر اندر، نئين شھر پناھہ اڏائي وئي. مٿيون تفصيل هن ڳوٺ/ شھر جي زوال ۽ انحطاط جو واضح ثبوت آهي. آسپاس جي بدوين سياسي انتشار کان فائدو وٺندي بصري کي غارت گريءَ جو مرڪز بنايو. ابن حوقل جي ڪتاب ۾ آهي تہ ”537ھہ/1143ع کان ڪيتريون ئي عمارتون ڊاهي پٽ ڪيون ويون. اسان جي زماني ۾ هڪڙي مسجد، جيڪا ’مسجد علي‘ جي نالي سان مشھور آهي ۽ پڻ طلحه رضه، زبير رضه، ابن سيرين رضہ ۽ حسن بصري جي مزارن کان سواءِ قديم بصري جو ڪو نشان نہ رهيو آهي. “
بصرو 2 صدي هجريءَ/ 8 صدي عيسويءَ جي شروع ۾ عروج ۽ ڪمال کي پهچي ويو هو. آبادي وڌي وئي هئي. جيتوڻيڪ آدمشماريءَ جي تعداد ۾ اختلاف آهن، تنهن هوندي بہ انهيءَ ۾ شڪ ڪونهي تہ هن کي ’اُم البلاد‘ چئجي تہ ڪو وڌاءُ ڪونهي. هيءُ هڪ تجارتي مرڪز بہ هو، جتي قافلا اٺن جي کوڙيءَ ۾ لهندا هئا. درياهي بندرگاھہ بہ هو، جنهن ۾ وڏا وڏا ٻيڙا اچي لنگر هڻندا هئا. يهودين، مسيحين ۽ ٻين غير عرب سرمائيدارن جي ڪري وڏو مالياتي مرڪز بہ بنجي ويو هو. هٿيار ٺاهڻ جي ڪارخانن سبب هڪ وڏو صنعتي مرڪز پڻ بنجي ويو هو. بصرو نهايت زبردست ديني ۽ علمي سرگرمين جو مرڪز بہ هو. درحقيقت بصرو اها بٺي هئي، جتان پهرين ۽ چوٿين صدي هجريءَ ۾ (16 ھہ/ 637ع کان 311 ھہ/ 923ع) اسلامي ثقافت، ڪلاسيڪي قالب ۾ نئون اوج وٺي نروار ٿي. ياد رکڻ گهرجي تہ بصرو ئي اهو مرڪز هو، جتان عربي صرف و نحي جنم ورتو ۽ سبيويہ ۽ خليل بن احمد ان کي فن جو روپ ڏنو. واصل بن عطاء، عمرو بن عبيد، ابوالهذير، النظاهر ۽ ٻين گهڻن عالمن جي جهولي نپجي جوان ٿي. هيءُ ئي اهو شھر هو، جتي ابو عمرو بن العلاء، ابوعبيده، الاصمعي ۽ ابوالحسن المدائني جھڙا فاضل پيدا ٿيا، جن شعر، ادب ۽ تاريخ جون روايتون جمع ڪري ايندڙ مصنفن لاءِ مواد فراهم ڪيو. مذهبي حلقن ۾ درخشاني علم ڪمال کي پهچي ويا. حسن بصري ۽ سندس عقيدتمندن تصوف جو بنياد بہ هتي ئي رکيو. شعر و شاعريءَ جي ميدان ۾ عھد اميہ جا وڏا وڏا اديب ۽ شاعر بشار بن بُرد ۽ ابونواس جھڙا جدت پسند شاعر بہ هن ئي سرزمين مان اٿيا. بصري جي باري ۾ آخري اهم ڳالھہ هيءَ آهي ته، هتان ئي عربي نثر، ابن مقنع، سھيل بن هارون ۽ الجاحظ جي ڪوششن سان جنم ورتو. بصري جي تاريخ ڪم از ڪم چئن مصنفن لکي هئي: عمر بن شبہ، المدائني، الساجي ۽ الاعرابي. ليڪن اهي ڪتاب نٿا ملن، تنهنڪري مؤرخ هاڻي، البلاذري، الطبري، ابن سعد، ابن الاثير، ابن الفقيہ، الاصطخري، المقدسي، الادريسي ۽ ياقوت وغيرہ جي ڪتابن مان استفادو ڪندا آهن .
7 صدي ھہ/ 1 صدي عيسويءَ کان پوءِ: بصرو، جيڪو پهرينءَ کان پنجين صدي هجريءَ/ يارهين صدي عيسويءَ کان ستين صدي هجريءَ/ تيرهين صدي عيسويءَ تائين وسعت ۽ رونق جي لحاظ سان وڌندو رهيو هو، سو هاڻي تباهيءَ ۽ برباديءَ، انتشار، ۽ عدم توجهيءَ جي ڪري نهايت تيزيءَ سان زوال پذير ٿي ويو، اها تباهي 656ھہ/ 1258ع ۾ هلاڪو جي عراق ۾ اچڻ ۽ ايلخاني حڪومت جي قيام سان ظاهر ٿي. بصرو، ايلخاني حڪومت جو اهڙو پرانهون صوبو هو، جتي سرڪشيءَ ۽ بدامنيءَ جا ڪيترائي دور آيا. اٺين صدي هجريءَ/ چوڏهين صدي عيسويءَ جي وچ ۾ ابن بطوطه شھر کي گهڻو تڻو دڙن ۽ کنڊرن جي صورت ۾ ڏٺو. اگرچہ ڪي وڏيون عمارتون جن ۾ جامع مسجد بہ هئي، باقي هيون. ان زماني ۾ بصري جي حيثيت فقط هڪڙي ڳوٺڙي جي هئي. ۽ ان جي باقي اهميت ايتري هئي جو هيءُ سامونڊي بندرگاھہ هو ۽ هتي جي ماڻهن ۾ حڪمرانن جي ظلم کان آزاد رهڻ جو جذبو هو. 941 ھہ/1534ع ۾ عراق تي عثماني فتح جو هن شھر تي ڪو خاص اثر ڪونه پيو، البت ايترو ضرور ٿيو، جو آباديءَ ۾ سُني عنصر، جيڪو اڳ ۾ بہ غالب هو، وڌيڪ مضبوط ٿي ويو. ترڪي، پاشا قبيلن جي گهيري ۾ آيو تہ 953 ھہ/ 1546ع ۾ بصري جا آزاد ۽ خودمختيار امير، وڌيڪ سرڪش ٿي ويا، وچ عراق مان قبائلي مھم جو نالي ”ماتر“ افراسياب ۽ ان جي پٽ علي پاشا (1034ھہ/ 1624ع) ۽ پوٽي حسين پاشا (1060ھہ/ 1650ع) حڪومت ڪئي .
هن خاندان بصري جا دروازا ۽ آبي رستا فرنگين (پورچوگيزن، انگريزن ۽ ولنديزين) جي نمائندن ۽ واپاري جهازن لاءِ کولي ڇڏيا. اهي فرنگي تقريباً 45 سالن تائين تجارت ۾ مصروف رهيا. انهيءَ دوران هيءُ خاندان ترڪيءَ جي جنگي ڪوششن ۽ صفوي حاڪمن جي تسڪين ۽ قبائيلن جي سازشن سان مُنهن ڏيندو رهيو. انهن واقعن کان پوءِ ٻہ صديون (12 ۽ 13 صدي هجري/ 18 ۽ 19 صدي عيسويءَ) بصرو ڏکڻ عراق جو صدر مقام ۽ ملڪ جو اڪيلو بندرگاھہ، ابتر حالت ۾ هئڻ جي باوجود، بحري ٻيڙي جي گودي بنيو رهيو. کجور جي تجارت جو مرڪز، عرب ۽ ايراني شهزادن ۽ قبيلن جي لاءِ دروازي جو ڪم ڏيندو رهيو، تان جو هن شھر جو نظام 1247ھہ/ 1831ع کان پوءِ رفتہ رفتہ نواڻ ۽ سڌاري ڏانهن مائل ٿيندي نظر آيو، جيڪو اڳي هميشہ قبائلي قذاقن، گهڻن ڇڙوڇڙ قبيلن، وبا ۽ سيلابن جي رحم ڪرم تي رهندو هو. اُن صديءَ جي وچ ڌاري نادرشاھہ جي عراق تي حملن دوران بصرو بہ گهيري ۾ رهيو ۽ جڏهن نادري فوجون واپس ٿيون، تہ بہ بصرو حسب دستور سازشن جو شڪار رهيو. فرنگين (برطانوي، فرانسي ۽ اطالوي) جي مستقل تجارتي مرڪزن، ڪائونسل خانن ۽ سفارتخانن آهستي آهستي قدم ڄمايا، سگهاري سوڊاني قيادت (1256ھہ/ 1840ع) بعد قبائلي دهشت گردي تهان ئي وڌي ويئي. ڪريم خان جي ڀاءُ صادق خان جي ايراني فوج جو هن شھر ۽ ضلعي جو گهيرو ۽ قبضو (1189ھہ/ 1775ع کان 1194ھہ/ 1779ع) بصري جي تاريخ ۾ هڪ بلڪل الڳ واقعو آهي ۽ ان کان پوءِ بہ حالات جيڪي پهرين هئا، سي ساڳيا رهيا. ڏاکڻي عراق جي قبائلي يا حڪومتي اقتدار چاهيندڙ مخالفن مسقط جي حاڪم ڏانهن دوستيءَ جو هٿ وڌايو. 1248ھہ/ 1832ع کان 1333ھہ/1914ع جو زمانو بصري لاءِ رفتہ رفتہ ترقيءَ جو دور ثابت ٿيو. هن عرصي ۾ امن امان جي نظام کي بهتر ڪيو ويو ۽ يورپ ۽ آمريڪا سان تجارتي تعلقات وڌايا ويا. 1267ھہ/ 1850ع ۾ ”بصري“ کي ”ولايت“ قرار ڏنو ويو، ان جي خاندانن ۽ شخصيتن ۾ وڌندڙ عربي قوميت جو ظھور ٿيو. عراق تي برطانوي قبضي (1333ھہ/ 1914ع) دوران ۽ ان کانپوءِ بصرو تيزيءَ سان هڪڙي جديد شھر جي روپ ۾ ظاهر ٿيو. بندرگاھہ کي نهايت وسيع ۽ جديد ترين طريقي سان تعمير ڪيو ويو. شط العرب جي منڍ ۾ وڏي ويڪري نھر کوٽي وئي. خود شھر ۽ اُن جي آسپاس رستن ۽ عمارتن ۾ توسيع ڪئي وئي. ڪيترائي عوامي محڪما کوليا ويا؛ عراق جي ريلوي اسٽيشن بصري کي آخري اسٽاپ قرار ڏنو ويو ۽ هوائي اڏو بہ تعمير ڪيو ويو. انهن ترقياتي ڪمن جي ڪري 1955ع ۾ شھر جي آبادي وڌي وئي. عوامي ۽ تجارتي عمارتن، رفاه عامه ۽ بھبود جي ادارن ۾ اضافو ٿيو. کجور کي ٻاهرين ملڪن ۾ موڪلڻ واري نظام ۾ بهتري آندي ويئي. عراق پيٽروليم ڪمپنيءَ جي هڪڙي برانچ، پيٽرول جي تلاش شروع ڪئي تہ 1368ھہ/ 1948ع ۾ شھر ’زبير‘ جي آسپاس تيل جو هڪ وڏو ذخيرو دريافت ٿيو. ان کانپوءِ ’لِوا‘ ۾ ڪيترائي ذخيرا لڌا ويا. 1371ھہ/ 1951ع ۾ تيل کي پائپ لائين ذريعي ’فاؤ‘ سان ملايو ويو. اها ترقي بصري جي روزگار، تعليم ۽ مال دولت جو تمام وڏو ذريعو بنجي ويئي .
عراق- ايران جنگ، هڪ سازش سان عراق تي مڙهي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ عراق دنيا جي مهذب ملڪن کان مالي ۽ اخلاقي مدد کان محروم رهجي ويو. 1991ع ۾ پهرين عراق جنگ ۾ هيءَ شھر صدام حسين خلاف بغاوت جو مرڪز رهيو. مارچ کان مئي 2003ع ۾ آمريڪي ۽ برطانوي جارحيت دؤران بصرو ميدان جنگ جو ڏيک ڏيندو رهيو ۽ 6 اپريل 2003ع تي برطانوي فوج ان تي قبضو ڪري ورتو .


لفظ بصرهھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو