بَعَلُ: بعل، شامين (شام جي رهاڪن) جو ديوتا هو، جنهن جو ذڪر قرآن شريف ۾ آيو آهي، جنهن جي معنيٰ ”قوة“ آهي ۽ مڙس جي معنيٰ ۾ بہ ڪم آيل آهي. انهيءَ بُت کي ”هبل“ جي شڪل ڏئي ڪعبة ﷲ ۾ کوڙيو ويو، جتي هيءُ بنوقريش جو سڀني کان وڏو ديوتا بنجي ويو. عهدنامه قديم ۾ هيءُ بت واحد جي صورت ۾ فنيقين جو وڏو ديوتا ۽ جمع جي صورت ۾ ”بعليم“ ڪنعاني ديوتائن لاءِ استعمال ٿيو آهي. هيءُ لفظ مختلف معنائون رکي ٿو. بائبل ۾ ڪيترين جاين تي پنھنجي بنيادي معنيٰ يعني مالڪ جي لاءِ استعمال ٿيو ۽ اردوءَ ۾ بہ اهوئي ترجمو ڪيو ويو. هن جي معنيٰ آهي تہ ”صاحب خانہ يا گهر جو مالڪ.“ ڇاڪاڻ جو عبرانين وٽ خاوند کي زال جو مالڪ سمجهيو ويندو هو. انهيءَ لاءِ خاوند لاءِ بہ بعل جو استعمال ٿيندو هو. يھو واھہ، بني اسرائيل جو مالڪ ۽ خاوند هو، انهيءَ لاءِ پهرين انهن سادگيءَ سان يهوواھہ کي ”بعل“ سڏيو. ڪنعاني ماڻهو بعل جو لقب پنھنجي خاص ديوتا کي ڏيندا هئا. انهيءَ لاءِ اهو اسم خاص بڻجي ويو. هيءُ طوفان ۽ مينهن جي ديوتا جو نالو هو. جنهن جي پوڄا ۾ جنسي عمل کي مذهبي حيثيت حاصل هئي. ڪجهہ ماڻهن جو خيال آهي تہ بعل سج جو ديوتا هو، ڇو جو اُن جو مندر بيت الشمس (سج جو گهر) ۾ هو. ڪجهہ مقامي ديوتائن کي بہ بعل چوندا هئا. بعل جي پوڄا قديم دور ۾ اعليٰ مقامن تي ڪئي ويندي هئي. اِن جي پوڄا ۾ انساني قرباني، پنھنجي پاڻ کي ڏک ڏيڻ ۽ بداخلاقيءَ جون رسمون شامل هيون. شروع ۾ ڪجهہ اسرائيلي پنهنجن ٻارن کي ”بعل“ جو نالو بہ ڏيندا هئا .