بعل

بَعَلُ: بعل، شامين (شام جي رهاڪن) جو ديوتا هو، جنهن جو ذڪر قرآن شريف ۾ آيو آهي، جنهن جي معنيٰ ”قوة“ آهي ۽ مڙس جي معنيٰ ۾ به ڪم آيل آهي. انهيءَ بُت کي ”هبل“ جي شڪل ڏئي ڪعبة الله ۾ کوڙيو ويو، جتي هيءُ بنوقريش جو سڀني کان وڏو ديوتا بنجي ويو. عهدنامه قديم ۾ هيءُ بت واحد جي صورت ۾ فنيقين جو وڏو ديوتا ۽ جمع جي صورت ۾ ”بعليم“ ڪنعاني ديوتائن لاءِ استعمال ٿيو آهي. هيءُ لفظ مختلف معنائون رکي ٿو. بائبل ۾ ڪيترين جاين تي پنهنجي بنيادي معنيٰ يعني مالڪ جي لاءِ استعمال ٿيو ۽ اردوءَ ۾ به اهوئي ترجمو ڪيو ويو. هن جي معنيٰ آهي ته ”صاحب خانه يا گهر جو مالڪ.“ ڇاڪاڻ جو عبرانين وٽ خاوند کي زال جو مالڪ سمجهيو ويندو هو. انهيءَ لاءِ خاوند لاءِ به بعل جو استعمال ٿيندو هو. يهو واهه، بني اسرائيل جو مالڪ ۽ خاوند هو، انهيءَ لاءِ پهرين انهن سادگيءَ سان يهوواهه کي ”بعل“ سڏيو. ڪنعاني ماڻهو بعل جو لقب پنهنجي خاص ديوتا کي ڏيندا هئا. انهيءَ لاءِ اهو اسم خاص بڻجي ويو. هيءُ طوفان ۽ مينهن جي ديوتا جو نالو هو. جنهن جي پوڄا ۾ جنسي عمل کي مذهبي حيثيت حاصل هئي. ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته بعل سج جو ديوتا هو، ڇو جو اُن جو مندر بيت الشمس (سج جو گهر) ۾ هو. ڪجهه مقامي ديوتائن کي به بعل چوندا هئا. بعل جي پوڄا قديم دور ۾ اعليٰ مقامن تي ڪئي ويندي هئي. اِن جي پوڄا ۾ انساني قرباني، پنهنجي پاڻ کي ڏک ڏيڻ ۽ بداخلاقيءَ جون رسمون شامل هيون. شروع ۾ ڪجهه اسرائيلي پنهنجن ٻارن کي ”بعل“ جو نالو به ڏيندا هئا .


لفظ بعلھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو