ڊاڪٽر فريدالدين بقائي

ڊاڪٽر فريدالدين بقائي

بقائي ڊاڪٽر فريدالدين

بقائي، ڊاڪٽر فريدالدين: پاڪستان جي خانگي ميڊيڪل يونيورسٽيءَ جو باني 15 آڪٽوبر 1935ع تي دهليءَ ۾ ڄائو. هن جو پيءُ ٽي. بيءَ جي مرض وگهي گذاري ويو. والدہ جي نگرانيءَ ۾ تعليم حاصل ڪيائين. ورهاڱي کان پوءِ ڪراچيءَ ۾ آيو. پنھنجي ڪئريئر جو آغاز پوسٽ آفيس جي سامهون ويهي خط لکڻ سان شروع ڪيائين. تعليم جو سلسلو جاري رکيائين. 1950ع ۾ ڪراچي بورڊ مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين. 1952ع ۾ انٽرميڊيئيٽ ڪيائين. 1958ع ۾ ڊاؤ ميڊيڪل ڪاليج مان ايم. بي. بي. ايس ڪري اعليٰ تعليم لاءِ لنڊن روانو ٿيو. اتان 1965ع ۾ ايف. آر. سي. ايس ڪري وطن موٽيو. 1967ع ۾ انٽرنئشنل ڪاليج آف سرجري شڪاگو مان ايف. آءِ. سي. ايس ڪيائين. 1976ع ۾ بقائي فائونڊيشن قائم ڪيائين. پنھنجي زال ڊاڪٽر زاهده بقائيءَ جي تعاون سان بقائي ميڊيڪل يونيورسٽيءَ جو بنياد وڌائين. 1993ع ۾ ايف. سي. پي. ايس ڪيائين. 1997ع ۾ بقائي يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر ۽ سرجريءَ جي شعبي جو چئرمئن مقرر ٿيو. هو 10 جولاءِ 2017ع تي گذاري ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1935.10.15  عيسوي

ڊاڪٽر فريدالدين بقائي، 15 آڪٽوبر 1935ع تي دهليءَ ۾ ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

خواجہ خيرالدين
جابر بن عبدالله الانصاري
الياس
ثمر مبارڪ مند
عبدالرشيد لغاري
ظل الرحمان سيد حڪيم
ڀائي مولچند عاج وارو
ڀڳت تيرٿ گر
الياس عليہ السلام
استاد انور علي سانگي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون