سيد بقادار شاهه

سيد بقادار شاهه

بقادار شاهه سيد

بقادار شاهه سيد: سيد بقادار شاهه، 3 ربيع الثاني 1310هه /1893ع ۾ مٽياريءَ ۾ ڄائو. تن ڏينهن ۾ اسڪولن جو واهپو گهٽ هو. هن بنيادي تعليم ۽ ڪلام پاڪ جي تعليم استاد پير بخش ميمڻ وٽان حاصل ڪئي. پهرين شادي 1914ع ۾ ٻي شادي 1938ع ۾ ڪئي. هو سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر پڻ رهيو. ان دور ۾ هن مٽياريءَ ۾ ترقياتي ڪم ڪرايا. رستا ۽ اسڪول منظور ڪرايائين. هو ضلعي لوڪل بورڊ حيدرآباد جو چيئرمين پڻ چونڊيو، تن ڏينهن ۾ سنڌ جو وڏو وزير خانبهادر محمد ايوب کهڙو هو. هن کانئس ضلعي لوڪل بورڊ جي بجيٽ ۾ به اضافو ڪرايو. ڀٽي خاندان سان سندس ويجها ناتا رهيا. جڏهن ذوالفقار علي ڀُٽي پيپلز پارٽي ٺاهي ته هن سندس مان ۾ آجياڻو ڏنو. مٽيارين جو اڳوڻو ايم پي اي پير نور شاهه سندس پٽ ۽ هاڻوڪو ايم پي اي پير امير شاهه سندس پوٽو آهي. هو 20 اپريل 1975ع تي 84 سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪري ويو. سندس تدفين مٽياريءَ ۾ ڪئي وئي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1893.00.00  عيسوي

سيد بقادار شاهه، 1893ع ڌاري مٽياريءَ ۾ ڄائو.


1975.04.20  عيسوي

سيد بقادار شاهه، 20 اپريل 1975ع تي وفات ڪئي.



سياستدان - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

الهه بخش سومرو شهيد
ايشور داس
امير حيدر ڪاظمي
بينظير ڀٽو شهيد
اعزاز نظير ڊاڪٽر ڪامريڊ
اعجاز علي شاهه شيرازي
عبدالواحد آريسر
اڪرام الله ڌاريجو
اعجاز جکراڻي
احمد علي خان جلباڻي
سياستدان ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون