بقراط

بقراط

بقراط

بقراط: بقراط يونان جو مشھور ڏاهو ۽ حڪيم ٿي گذريو آهي، جيڪو 469 ق. م ۾ يونان جي ڪوس جزيري ۾ پيدا ٿيو. کيس حڪمت جو ابو ڪوٺيو ويندو آهي. بقراط حڪمت جي تعليم حاصل ڪري حڪمت جو ئي پيشو اختيار ڪيو. هو تعويذ ۽ منتر وغيرہ جي سخت خلاف هو. هن ثابت ڪيو تہ هر مرض جا ڪارڻ قدرتي هوندا آهن ۽ انهن جو علاج دوائن سان ئي ممڪن آهي، نہ ڪي تعويذن ۽ منترن سان. هن بيمارين جا ڪارڻ ڳولي لڌا. سندس خيال موجب بيمارين جا ٻہ ڪارڻ آهن: هڪ موسمي ۽ ٻيو غلط خوراڪ جو استعمال. هو غذا کي دوائن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ اهميت ڏيندو هو. سندس خيال هو تہ غذا جو صحيح استعمال بيمارين کان دور ڪري ٿو. هن جا ڪيترائي شاگرد هئا. هو انهن کان قسم نامو وٺندو هو ۽ کين ڊاڪٽري جي ڊگري ڏيندو هو. طب بابت سندس لکيل تحريرون ڪيترين ئي ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪيون آهن. هن جا مضمون ترجمو ڪري لوب لائبرريءَ ۾ رکيا ويا آهن. ڪن يونيورسٽين ۾ تعليم پوري ڪري ويندڙ شاگردن کان ’بقراطي قسم نامو‘ کڻايو ويندو آهي. بقراط رومي سمنڊ جو سفر ڪيو. هن ڪيترائي شھر گهميا ۽ جتي بہ ويو، اتي طب جي تعليم جو رواج وڌائين. سندس لکيتون اڄ بہ اهميت واريون آهن. هن 377 ق. م ۾ وفات ڪئي .


لفظ بقراطھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

0469.00.00  قبلِ مسيح

بقراط، 469 ق. م ۾ يونان جي ڪوس جزيري ۾ پيدا ٿيو.


0377.00.00  قبلِ مسيح

بقراط، 377 ق. م ۾ وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اقبال احمد انصاري ڊاڪٽر
عباس سارنگ
شھناز شيخ
ٻڍل شاھہ ولد نواب شاھہ
ٻگهيو محمد قاسم ڊاڪٽر
اشعري
احمد شاھہ بخاري بکري
بيگم ممتاز راشدي
حاجي ولي محمد نظاماڻي
غلام عباس ڀنڀرو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون