بقره سورة

بقره سورة: قرآن شريف جي ٻي مدني ۽ طويل سورة، جنهن ۾ 288 آيتون آهن. هن سورة ۾ نئين اسلامي ملت جو اعلان، بني نوع انسان جي تقسيم (مومن، ڪافر، منافق) سان گڏ آدم جي تخليق، ان جي وصفن ۽ ڪمزورين کي مختصر ڪري بيان ڪيو ويو آهي. سڀ کان پهرين قوم بني اسرائيل لاءِ تاريخ ٻڌائي ٿي ته خدا تعاليٰ انهن کي بهترين فضائل ۽ نعمتون عطا ڪيون، ليڪن مسلسل نافرمانيءَ ۽ بدترين ڪافراڻن عملن سبب دين جي عمل ۾ نااهل ثابت ٿيا. انهن جو مؤرث اعليٰ حضرت ابراهيم عليه السلام نبي مقرر ٿيو ۽ نئينءَ ملت جو ظهور ٿيو، جنهن جو قبلو حضرت ابراهيم جو پهريون تعمير ڪيل قبلو قرار ڏنو ويو. نئين امت جا فرائض صوم، صلواة، حج، زڪوات سان گڏ جهاد في سبيل الله جا احڪام مقرر ڪيا ويا، ڇوته قربانين کان سواءِ ڪابه قوم دنيا ۽ آخرت ۾ الله تعاليٰ جي عنايتن جي مستحق نٿي ٿي سگهي. نڪاح ۽ طلاق جا مسئلا، طالوت ۽ دائود جي جنگ جو ذڪر، خدا جي راهه ۾ خرچ ڪرڻ جا فضائل، خيرات ۽ مسڪينن جي امداد، وياج جي مذمت ۽ ممانعت وغيره جا احڪام به هن سورة ۾ شامل آهن. آخر ۾ قرض ۽ گواهيءَ جا احڪام، همدرديءَ ۽ صداقت، ديانت جو تاڪيدُ ۽ تنبيهه ته خدا تعاليٰ کان هڪڙي به انسان جا ارادا ۽ افعال ڳجها ڪين آهن. ان کان گناهن جي معافي ۽ مغفرت ۽ ڪافرن سان مقابلي ۾ نصرت جي دعا جي رهنمائيءَ سان سورة ختم ٿئي ٿي. مشهور آية الڪرسي به هن ئي سورة ۾ آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو