بقرہ سورة

بقرہ سورة: قرآن شريف جي ٻي مدني ۽ طويل سورة، جنهن ۾ 288 آيتون آهن. هن سورة ۾ نئين اسلامي ملت جو اعلان، بني نوع انسان جي تقسيم (مومن، ڪافر، منافق) سان گڏ آدم جي تخليق، ان جي وصفن ۽ ڪمزورين کي مختصر ڪري بيان ڪيو ويو آهي. سڀ کان پهرين قوم بني اسرائيل لاءِ تاريخ ٻڌائي ٿي تہ خدا تعاليٰ انهن کي بھترين فضائل ۽ نعمتون عطا ڪيون، ليڪن مسلسل نافرمانيءَ ۽ بدترين ڪافراڻن عملن سبب دين جي عمل ۾ نااهل ثابت ٿيا. انهن جو مؤرث اعليٰ حضرت ابراهيم عليہ السلام نبي مقرر ٿيو ۽ نئينءَ ملت جو ظھور ٿيو، جنهن جو قبلو حضرت ابراهيم جو پهريون تعمير ڪيل قبلو قرار ڏنو ويو. نئين امت جا فرائض صوم، صلواة، حج، زڪوات سان گڏ جهاد في سبيل جا احڪام مقرر ڪيا ويا، ڇوته قربانين کان سواءِ ڪابہ قوم دنيا ۽ آخرت ۾ تعاليٰ جي عنايتن جي مستحق نٿي ٿي سگهي. نڪاح ۽ طلاق جا مسئلا، طالوت ۽ دائود جي جنگ جو ذڪر، خدا جي راھہ ۾ خرچ ڪرڻ جا فضائل، خيرات ۽ مسڪينن جي امداد، وياج جي مذمت ۽ ممانعت وغيرہ جا احڪام بہ هن سورة ۾ شامل آهن. آخر ۾ قرض ۽ گواهيءَ جا احڪام، همدرديءَ ۽ صداقت، ديانت جو تاڪيدُ ۽ تنبيھہ تہ خدا تعاليٰ کان هڪڙي بہ انسان جا ارادا ۽ افعال ڳجها ڪين آهن. ان کان گناهن جي معافي ۽ مغفرت ۽ ڪافرن سان مقابلي ۾ نصرت جي دعا جي رهنمائيءَ سان سورة ختم ٿئي ٿي. مشھور آية الڪرسي بہ هن ئي سورة ۾ آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو