بلال رضي ﷲ عنه

بلال رضي عنه: بلال رضي عنہ اصحابي هو. سندس پورو نالو بلال بن رباح هو ۽ نسلاً حبشي هو. بلال رضي عنہ 581ع ڌاري ”سراته“ (مڪي شريف) ۾ ڄائو. اسلام جي شروعاتي دؤر ۾ مسلمان ٿيو. اميه بن خلف وٽ غلام هو. حضرت ابوبڪر رضہ رقم ڏيئي کيس آزاد ڪرايو. بلال رضہ سدائين حضور اڪرم صلي عليہ وسلم جن سان گڏ هوندو هو ۽ سمورين جنگين ۾ شرڪت ڪيائين. جڏهن نماز کان اڳ ۾ اذان جو طريقو رائج ٿيو تہ حضور اڪرم صلي عليہ وسلم جن حضرت بلال رضہ کي ٻانگو مقرر ڪيو. سندس آواز ۾ ڏاڍو درد سمايل هو. حضرت بلال رضہ عنه غلاميءَ واري دؤر ۾ ڏاڍيون سختيون سٺيون؛ مٿس ظلم جي انتها ڪئي وئي، پر سدائين صبر جي واٽ تي هلندو رهيو ۽ ان جو نتيجو اهو مليس، جو کيس پهرئين ٻانگي جو اعزاز نصيب ٿيو. حضرت عنه'>بلال رضي عنه 60 ورهين جي ڄمار ۾ 641ع ڌاري دمشق شھر ۾ وفات ڪئي .


لفظ بلال رضي ﷲ عنهھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

0581.00.00  عيسوي

حضرت بلال رضي الله عنہ 581ع ڌاري سراته (مڪي شريف) ۾ ڄائو.


0641.00.00  عيسوي

حضرت بلال رضي الله عنه 641ع ڌاري دمشق شهر ۾ وفات ڪئي.



مذهب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ٿانورداس شيوامنڊل ۽ مندر
جامعہ عربيه مفتاح العلوم
دخمو
زبور
تابوت 2
حيدر ڪرار
ذوالجناح
آديسي
تلميح
درگا ديوي
مذهب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون