بلال شاھہ

بلال شاھہ: سيد بلال شاھہ، شاھہ شريف جو پٽ ۽ شاھہ عنايت رضويءَ جو پوٽو هو. اندازاً 1075ھہ/ 1664ع ڌاري ڄائو. ميان نورمحمد ڪلهوڙي جي دؤر ۾ وفات ڪيائين. پنھنجي ڏاڏي ۽ والد جي تربيت ۾ اعليٰ شاعر ٿي ساماڻو. سندس شاعريءَ تي سندس ڏاڏي ۽ والد جو رنگ رچيل آهي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي ترتيب ڏنل ڪافين جي ڪتاب ۾ سندس ڪي ڪافيون نموني طور ڇپيل آهن .


لفظ بلال شاھہھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو